90

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي،ڪوٽڙي وٽ کوٽ 72 سيڪڙو ٿي وئي آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، سُڌ سماءُ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته سنڌ جي بيراجن ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 72 سيڪڙو ٿي وئي آهي. زراعت، پيئڻ جي پاڻي کان پوءِ هاڻي صنعتن کي پاڻي جي فراهمي متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ارسا 1991 واري ٺاهه تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. ٿري ٽيئر فارمولي جي ڪابه قانوني حيثيت ناهي، ارسا ڪيترن ئي سالن کان ان فارمولي تحت پاڻي ورڇ ڪري رهي آهي جيڪا پاڻي ٺاهه جي ڀڃڪڙي آهي. ٿري ٽيئر جي غير مساوي فارمولو مئي 1994 ۾ وزارتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ سامهون آيو جنهن کي چيف ايگزيڪٽو آف پاڪستان ۽ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت 23 آڪٽوبر 2000 ۾ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو هو. وفاق جي اڪائين ۾ پاڻي جي ورهاست ٿري ٽيئر فارمولي تحت هلندڙ آهي جيڪا پاڻي جي معاهدي جي کليل خلاف ورزي آهي. خيبر پختونخواھ ۽ بلوچستان کي پاڻي جي کوٽ کان ورڇ دوران آجو قرار ڏنو ويو آهي پاڻي جي کوٽ جو سمورو بار سنڌ تي وڌو پيو وڃي . اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڻي جي کوٽ واري مند ۾ پنجاب پنهنجي حصي کان به وڌيڪ پاڻي کڻي وڃي ٿو. اهي ارسا جون پنهنجون رپورٽون آهن. شرجيل انعام ميمڻ مطالبو ڪيو ته ارسا فوري طور تي فلڊ ڪينال بند ڪري. هن چيو ته سنڌ کي ڪنهن به صوبي جي حصي جو پاڻي نه گهرجي ارسا منصفاڻي پاڻي ورڇ کي يقيني بڻائي. سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سان زندگي شديد متاثر ٿي رهي آهي، ڪشمور کان ڪينجهر تائين سنڌ جا هاري، عورتون، ٻار پاڻي لاءِ روڊن تي آهن، هوڏانهن  سڌ سماءُ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ  واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ  عبدالستار ايڌي ( بي آر ٽي اورينج لائين) جو دورو ڪيو. بس ڊيپو، اسٽيشنز سميت بس ڪوريڊور تي هلندڙ ترقياتي ڪمن جي رفتار جو جائزو ورتو. سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو، ڊائريڪٽر آپريشنز ( اي سي ايم ٽي اي ) يوسف منير پڻ ان موقعي تي موجود هئا.  صوبائي وزير کي ڪنسلٽنٽ نيسپاڪ ريحان ضامن ۽ پيڪيج ون، پيڪيج ٽو، پيڪيج ٿري جي ڪارنٽريڪٽرز هلندڙ ڪم بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ هدايت ڏيندي چيو ته هر حال ۾ مونکي 30 مئي تائين ڪم مڪمل گهرجي. انڊر گرائونڊ فيول ٽينڪ، ويسٽ واٽر پلانٽ، ڊيپو تي شيڊ جي تعمير، لفٽس ۽ ايڪسيليٽر جي انسٽاليشن سميت سمورا ڪم مڪمل ڪيا وڃن. ايڪسيليٽر جو ڪمپوننٽ چين کان سامونڊي رستي بجاءِ باءِ ايئر گهرايو وڃي. هن چيو ته سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جا آفيسر 24 ڪلاڪ ڪم جي نگراني ڪن ۽ مونکي هر ٻن کانپوءِ رپورٽ پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته مونکي ڪم هر حال ۾ ڪم مڪمل گهرجي ۽ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. شرجيل انعام ميمڻ هدايت ڏني ته ڪانٽريڪٽرز سائيٽ تي مشينري ۽ ليبر ۾ اضافو ڪن ۽ 24 ڪلاڪ ڪم ڪرايو وڃي ادائگين جي ذميواري منهنجي آهي، ڪانٽريڪٽرز جي مڪمل ادائيگين کي يقيني بڻايو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو