84

اتحادين فيصلو ڪيو ته ڪنهن کي به اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ نه ڏينداسين: راڻا ثناءُالله

بهاولپور(م ڊ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناالله خبردار ڪندي چيو آهي ته  فيصلو ڪيو ته پوءِ اسلام آباد ۾کين داخل ٿيڻ نه ڏينداسين، نگران حڪومت آئي ته پيٽرول 70 رپيا مهانگو ٿيندو، ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسانکي چونڊن طرف وڃڻ گهرجي، پر اتحادي جماعتن جو فيصلو آهي ته حڪومت کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ گهرجي،نااهل ٽولي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿيندي ته ماڻهو جا مسئلا وڌندا،پي ٽي آءِ جي لاءِ عدالت رات وڳي لڳي، ڪاش! اسانجي لاءِ ڏينهن جو 12 وڳي به عدالت لڳي ها، (ن) ليگ جو ڪنهن چونڊ اتحاد ناهي ٿيو، هن چيو ته  (ن) ليگ بي اعتمادي جي حق ۾ ايتري پر جوش نه هئي، اتحادي حڪومت ۾ فيصلا مشاورت سان ٿيندا آهن، اتحادين جيڪڏهن فيصلو ڪيو ته ڪنهن کي به اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ نه ڏينداسين، عمران خان چيو منهنجي زندگي کي خطرو آهي، حڪومت کيس ڀرپور سيڪيورٽي ڏني آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو