103

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي قيادت ۾ حقيقي آزادي مارچ شروع، پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ، گرفتاريون، ڀڃ ڊاھه

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي قافلن طرفان رنڊڪون هٽائڻ تي پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿيون، بتي چوڪ جنگ جو ميدان بڻجي ويو، قافلن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس جي شيلنگ ۽ لاٺي چارج، ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا، پوليس طرفان قافلن جي اڳواڻي ڪندڙ ياسمين راشد جي گاڏي جو گهيراءُ ڪيو ويو، سندس گاڏي جي ونڊ اسڪرين ٽوڙي وئي، ياسمين راشد گهيرو ٽوڙي نڪري وئي، لاهور جي ايوان عدل ٻاهران پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪن آمهون سامهون، اهلڪار ۽ ڪارڪن هٿئين پئجي ويا، پي ٽي آءِ جي حامي وڪيلن ۽ ڪارڪنن حراست ۾ ورتل زبير نيازي کي ڇڏائي ورتو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو