83

حڪومت آءِ ايم ايف جي مطالبي تي پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 30 روپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي،وڌيڪ نقصان برداشت نٿا ڪري سگهون،عوام تي بار وجهڻ اڻٽر آهي: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) وفاقي حڪومت حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن هيٺ پيٽرول، هاءِ اسپيڊ ڊيزل، لائٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ 30 روپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي عمل به شروع ٿي ويو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير  مفتاح اسماعيل طئي ٿيل اصول کان هٽندي پهرين جون بدران ان کان اڳ ئي اوچتو پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو. عام حالتن ۾ حڪومت پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ يا لاٿ جو اعلان هر مهيني جي پهرين ۽ پنڌرهين تاريخ تي ئي ڪندي آهي. پيٽروليم جي اگهن ۾ تازي واڌ کان پوءِ پيٽرول جو اگهه 149 روپيا 86 پئسن مان وڌي179 روپيا 86 پئسا ٿي ويو آهي. اهڙي ريت هاءِ اسپيڊ  ڊيزل جو اگهه144 روپيا 15 پئسن مان وڌي 174 روپيا 15 پئسا، لائيٽ ڊيزل جو اگهه 118 روپيا 31 پئسن مان وڌي 148 روپيا 31 پئسا ٿي ويو  آهي، جنهن تي رات 12 وڳي کان عمل پڻ شروع ٿي ويو. پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته  عوام تي بار وجهڻ ڏکيو فيصلو هو، جيستائين پيٽرول جو اگهه نه وڌائينداسين تيستائين آءِ ايم ايف اسان کي قرض به نه ڏيندو. هن چيو ته هن مهيني جي پهرئين 15 ڏينهن ۾ 55 ارب روپين جو نقصان ٿيو آهي، حڪومت هلائڻ جو ماهوار خرچ 42 ارب روپيا ۽ پيٽرول ۽ ڊيزل جي مد ۾ سبسڊي 120 ارب روپيا آهي. سبسڊي سبب حڪومت نقصان برداشت نه ٿي ڪري سگهي عوام تي ڪجهه نه ڪجهه بار وجهڻ اڻٽر آهي. مفتاح اسماعيل وڌيڪ چيو ته  ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته پيٽرول جي اگهه ۾ واڌ سان مهانگائي به وڌندي پر ان کان سواءِ ته ٻي ڪا واٽ به نه آهي.  سبسڊي ملڻ جي ڪري هتي پيٽرول ۽ ڊيزل جو استعمال پڻ وڌي ويو هو. وزيراعظم شهباز شريف جيڪو فيصلو ڪيو آهي سو ڏاڍو ڏکيو ۽ سخت فيصلو آهي، 30 روپيا پيٽرول مهانگو ڪرڻ کان پوءِ به حڪومت ان تي 56 روپيا اڃان به سبسڊي ڏئي رهي آهي. اگهه ۾ واڌ نه ڪرڻ سبب روپيي جو قدر پڻ ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو هو، پر هاڻي استحڪام ايندو.  هن وڌيڪ چيو ته غريب عوام لاءِ وزيراعظم ريليف جو اعلان ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو