80

پرڏيهي سازش جي دعويٰ رد،عمران خان کي هٽائي جمهوريت لاءِ پيڙهه جو پٿر رکيو ويو: بلاول ڀٽو

ڊيوس (م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي سازش جي دعويٰ رد ڪندي چيو آهي ته عمران خان کي هٽائي جمهوريت لاءِ پيڙهه جو پٿر رکيو ويو، بلاول ڀٽو زرداري ڊيوس ۾ هڪ خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو ته  عمران خان کي آئيني طريقي سان اقتدار کان الڳ ڪيو ويو، اڳ ۾ پاڪستان جي هڪ وزيراعظم کي ڦاهي ڏني وئي ٻئي کي هٽايو ويو، عمران خان آمريڪا مخالف جذبا ڀڙڪائڻ لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري سگهي پيو اهو ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي پرڏيهي وزير چيو ته مونکي سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪي به خدشا ناهن، جڏهن سياست ڪبي آهي ته دل مان خوف ڪڍي ڇڏبو آهي، هن چيو ته پرڏيهي وزير طور منهنجو ڌيان دنيا ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي پيش چئلينجن تي آهي، پاڙيسري ملڪن ۽ اولهه سان گڏيل سهڪار ذريعي ئي پاڪستان کي اڳتي وٺي سگهي سگهون ٿا، پاڪستان ۾ وزيراعظم اعظمن کي غير جمهوري طريقي سان هٽائڻ جي تاريخ آهي، عمران خان جو اقتدار تان هٽڻ پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ اعزاز آهي، عمران خان جمهوري عمل ذريعي هٽائڻ کانپوءِ انتهائي پوزيشن وٺندي آمريڪا مخالف جذبن کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو