75

ياسين ملڪ جي سزا خلاف اپيل لاءِ دنيا جي هر فورم ۾ پاڻ ويندس: آصف زرداري

ڪراچي (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته ياسين ملڪ کي سزا ڏئي مودي جو اصل چهرو بي نقاب ٿيو آهي، مان اعلان ڪريان ٿو ته ياسين ملڪ جي سزا خلاف اپيل لاءِ دنيا جي هر فورم ۾ پاڻ ويندس، آصف زرداري چيو ته منهنجي ۽ منهنجي پارٽي ڪشميرين سان گڏ ڌڙڪي ٿي ۽ انهن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏينداسين، هن چيو ته ڀارت دنيا ۾ انتهاپسندي جي بنياد رهي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهي ٿو. ڪشميرين جو رت ڪڏهن به رائيگان نه ويندو ۽ جيڪو آزادي جو واعدو ڀٽو صاحب ۽ بي بي شهيد ڪري ويا آهن ان جي تڪميل تائين آرام سان نه ويهنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو