ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪنهن به معاشري جي بهتري جي لاءِ سماجي قدر ضروري آهن، سماجي اقدار پهرين بهتر هئا، جيڪي هاڻي ختم ٿي رھيا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن سماجي قدرن جو بگاڙ ۽ معاشري ۾ عورتن جو ڪردار جي عنوان سان آرٽس ڪائونسل پاڪستان ڪراچي ۾ مباحثي ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته پاڪستان ۾ سماجي قدرن جي بگاڙ جا ڪيترائي ڪارڻ آهن. ٻار گھر، اسڪول ۽ دوستن جي ماحول مان ڪافي ڪجھه سکندا آهن، مصروفيتن جيڪري اسين ٻارن تي ڌيان نه ڏئي سگهندا آهيون ٽيڪنالوجي جا ڪافي فائده آهن پر نقصان به آهن سوشل ميڊيا، ڊراما ۽ فلمن جا ڪردار ۽ ڪهاڻيون به ذهنن تي اثر انداز ٿينديون آهن، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سماجي قدرن جي آگاهي جي لاءِ حڪومت ٽي وي چئنل کي لائسنس ڏيڻ وقت انھن کي عوامي آگاھي جي پيغام نشر ڪرڻ جو پابند بڻائي، هن چيو ته پيپلز پارٽي جي هڪ ايم پي اي ڪنهن عورت ايم پي اي بابت غير مناسب لفظ چيا، ته پارٽي جي اعليٰ قيادت ان جو سخت نوٽيس ورتو ۽ کيس عورت ايم پي اي کان معافي وٺڻ جي ھدايت ڏني وئي پر هاڻي گاريون ڏيڻ جو مقابلو ٿي رهيو آهي، جيڪو سياسي مخالفن تي وڌيڪ گٿا لفظ استعمال ڪري ان جي پٽي ٽپي وڃي ٿي، هاڻي سياست ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ٻڌڻ جوڳا ناھن، هن چيو ته ٻهراڙين ۾ غلط ڳالھه ۽ گار ڏيڻ تي جهيڙا ٿيندا آهن ۽ معاملا قتل تائين پھچي ويندا آھن ، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ٽاڪ شو ۾ مهمانن جو جھيڙو ٿي وڃي ۽ ھڪٻئي لاءِ گٿا لفظ استعمال ٿين ته ٽيليويزن جي ريٽنگس وڌي وڃي ٿي، هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عورتن کي هر ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جي موقعا ڏنا آهن، اقتدار جي ايوان، بيوروڪريسي، واپار، سفارتڪاري سميت زندگي جي هر شعبي ۾ عورتن کي اڳتي وڌڻ گھرجي. صدر آصف علي زرداري جي حڪومتي دور ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ فقط عورتن کي شامل ڪيو ويو. سنڌ ۾ بي زمين عورتن کي 25، 25 ايڪڙ زمين جا مالڪاڻه حق ڏنا ويا، هن چيو ته اسان اهو عورتن تي ڪو احسان ناهي ڪيو. اهو انهن جو حق آهي جيڪو عورتن جو مقام آهي سو اسان کي ڏيڻو آهي ۽ کين اڳتي وڌڻ جا وڌ ۾ وڌ موقعا ڏيڻا آهن، ان موقعي تي سينيٽر عبدالحسيب، صدر پي ايف يو جي جي ايم جمالي، صدر آرٽس ڪائونسل احمد شاھ، محترمه نرگس علوي، شاهده سجاد، عامره شاهد، ايس پي شهلا قريشي ۽ ٻين ناليواري عورتن به ڄاڻايل موضوع تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. سيشن جي نظامت جا فرض صدر پاڪستان ڪونسل آف ميڊيا وومين حميرا موٽالا سرانجام ڏنا. ٻئي طرف ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪالهھ پاڪستان جي تاريخ جو سياھه ترين ڏينهن هو، عمران خان پنهنجي نئين جماعت متعارف ڪرائي، ٽائيگرز کي ميدان ۾ آندو ۽ دهشتگردي ڪئي، عمران خان جي ورڪرن پوليس تي حملا ڪيا، گاڏين کي باھ لڳائي ۽ ميڊيا ورڪرن تي تشدد ڪيو، هن چيو ته حڪومت ۽ پوليس تمام گھڻو صبر ڪيو پر اهي ماڻهو نه مڙيا، هن چيو ته عمران خان جو جهاد اقتدار جي لاءِ آهي، ڪراچي ۾ به خان صاحب کي ريسپانس نه مليو، هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان جو ڪلچر ڪامياب ويو ته هن ملڪ ۾ اليڪشن کان پوءِ ڪو به اقتدار ۾ نه اچي سگھندو، هڪ کٽيندو ته ٻيو اسلام آباد تي ٽولا کڻي پهچي ويندو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي جو لانگ مارچ 10 ڏينهن هليو پر پوري ملڪ ۾ ڪا به هڪ به جاءِ ٻڌايو جتي ڪو هڪ به پٿر هليو هجي يا ڪنھن تي حملو ٿيو ھجي، اسان جو مارچ پر امن سياسي مارچ هو، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان وٽ جادو ڦيڻي جي طاقت آھي، ھن چيو ته ڪالھ ميڊيا جون ڪيمرائون ٽوڙيون ويون، پي ٽي آءِ سياسي جماعت ناهي رهي، سپريم ڪورٽ چيو ته اهي ريڊ زون ۾ نه وڃن انهن سپريم ڪورٽ جو احترام نه ڪيو، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪنھن به ايم پي اي تي تشدد ناهي ٿيو. جيڪڏهن سياسي طرز عمل تبديل نه ٿيو ته وڌيڪ نقصان ٿيندو، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران نيازي جو علاج ڊاڪٽرز ئي ڪري سگھن ٿا هي ڪڏهن چوندو آهي ته نيوٽرل رهو ۽ پوءِ چوندو آهي ته نيوٽرل نه رهو.
