107

قوم ڏڦيڙ واري مارچ کي رد ڪيو، عمران خان جو 6 ڏينهن وارو وقت شرمندگيءَ کانسواءِ ڪجهه ناهي: مريم نواز

لاهور (م ڊ) مريم نواز شهيد اهلڪار جي گهر پهتي، تعزيت، شهباز شريف پاران گهر ۽ ٻارن جي تعليم جو خرچ ڏيڻ جي خاطري،  ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته قوم ڏڦيڙ واري مارچ کي رد ڪري ڇڏيو، حقيقي آزادي جو سفر پنهنجي گهران شروع ٿيندو آهي، عمران خان پنهنجي ٻارن کي لنڊن ۾ ويهاريو آهي، جيڪڏهن آزادي ڏيارڻي اٿوَ ته پنهنجي ٻارن کي هتي گهرايو، لاهور ۾ شهيد ڪانسٽيبل جي بيواهه سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته شهيد ڪانسٽيبل جي بيواهه ۽ 5 ٻارن سان ملي آئي آهيان، مان پاڻ ماءُ آهيان، ڪيفيت سمجهي سگهان ٿي، ڪانسٽيبل جي شهادت جو ذميوار عمران خان آهي، بيواهه ۽ ٻارن کي گهر اسان جي حڪومت ڏيندي، شهيد جي ٻارن جا تعليمي خرچ به حڪومت برداشت ڪندي، هن چيو ته عمران خان لاءِ 6 ڏينهن جو وقت شرمندگيءَ کانسواءِ ڪجهه ناهي، 25 لک ماڻهو آڻڻ جي دعويٰ ڪندڙ 20 هزار ماڻهو به گڏ نه ڪري سگهيو، ماڻهن آزادي مارچ کي بربادي مارچ بڻائي واپس پشاور ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو، پاڪستان، خاص طور پنجاب جي عوام پي ٽي آءِ کي رد ڪري ڇڏيو، بني گالا واپس وڃو ۽ قوم کي ورهائڻ بدران باقي زندگي الله الله ڪيو، سندس چوڻ هو ته انهن جي اصل ايجنڊا ڏڦيڙ آهي، اسلام آباد کي باهه ڏني وئي، ڪيترائي ڪلاڪ شهر سڙندو رهيو، انهن جو اڳواڻ کين ڀڃ ڊاهه جو چوندو رهيو، انهن چيو ته خوني مارچ ٿيندو، حڪومت کي عمران خان خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ گهرجي، عمران خان سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي، عدالت توهين عدالت درخواست خارج ڪرڻ جي فيصلي تي  نظرثاني ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو