ميرپورساڪرو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي علي حسن زرداري پاران ساحلي پٽي جي يوسي ٻھارا ۽ يوسي کڳاڻ جي عوام کي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ٻھارا شھر کان ڳوٺ ڪنڊو بلوچ ۽ الله بخش ڪلوئي تائين منظور ڪرايل 14ڪلوميٽر روڊ جي اسڪيم تي ڪم شروع ٿي ويو آھي. نتيجي ۾ علائقي واسين ۾ سرهائي آهي، ھن روڊ ٺھڻ سان تمام وڏي آبادي کي فائدو ٿيندو، جنھن ۾ ڳوٺ ڪنڊو بلوچ، ڳوٺ چنڊڙو سميجو، سومار سميجو، ڳوٺ عبدالطيف سميجو، ڳوٺ ڪالا خان ڪلوئي، ڳوٺ الھبخش ڪلوئي، ڳوٺ سومار ڪلوئي، ڳوٺ حاجي ناٿو درس، ڳوٺ شفيع درس، ڳوٺ محمود جت، ڳوٺ مريد خان بگھياڙ، ڳوٺ امين جت، ڳوٺ حاجي احمد جت، ڳوٺ بابو ملاح، ڳوٺ حاجي شفيع سومرو، ڳوٺ مير خان رند، ڳوٺ امين ملاح، ڳوٺ حاجي الھبخش ڪلوئي، ڳوٺ محمود چارڻ، ڳوٺ واحد بخش بغدو، ڳوٺ حاجي ھاشم بلوچ، ڳوٺ بچايو خاصخيلي، ڳوٺ گل حسن ڪلمتي، ڳوٺ محمدحسن رجيرو ۽ ٻيا سمنڊ جو ڪم ڪندڙ وڏي آبادي جيڪا سمنڊ جي ڀرپاسي ۾ رھي ٿي انھن کي شھرن تائين پهچڻ ۾ وڏي سھولت ملندي. ان سلسلي ۾ علائقي جي معززين ايم پي اي علي حسن زرداري جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اسان علي حسن زرداري جا شڪر گذار آھيون، جنهن پنهنجو ڪيل وعدو وفا ڪيو ۽ ساحلي پٽي جي عوام جو وڏو مسئلو حل ڪري ڇڏيو، روڊ جو ڪم مڪمل ٿيڻ سان علائقي ۾ خوشحالي ايندي، عوام کي سفري سهولتون مهيا ٿينديون.
143