ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي مڪاني کاتي واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ مڪاني چونڊون چاهي ٿي پر ايم ڪيوايم سميت ٻيون سياسي پارٽيون مڪاني بل ۾ ترميم تائين چونڊون نه ٿيون چاهين قطعي فيصلو سليڪٽ ڪيمٽي ۾ اڪثريتي راءِ سان ڪيو ويندو، اهڙواظهار هن ڪالهه سليڪٽ ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، صوبائي وزير ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته ايم ڪيوايم ۽ ٻين پارٽين يوسيز وڌائڻ، ڊي ايم سيز جي بحالي سميت ٻيون تجويزون ڏنيون آهن جن کي سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو، هن چيو ته عمران خان جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي آهي عام چونڊون تڏهن ٿينديون جڏهن اتحادين جي حڪومت چاهيندي ۽ چونڊ سڌارا آندا ويندا، هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته علي زيدي کي ويڊيو ۾ ڀڄندي ڏٺوويو ڪربلا وارا ميدان ڇڏي ڀڄڻ وارن مان نه هئا، کيس اهڙا بيان نه ڏيڻ گهرجن، هن چيو ته عمران خان ته اسلام آباد ۾ 20 لک ماڻهو گڏ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو اها ڪٿي آهن، عوام سندس ساٿ نه ڏنو، سنڌ ۽ پنجاب مان کيس موٽ نه ملي، صرف ڪجهه ماڻهو ڪي پي مان وٺي آيوهو، هن چيو ته سنڌ ۾ دهشتگردي وارن واقعن جي ڪري قلم 144 لڳايو، جنهن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سنڌ پوليس ڪارروائي ڪئي.
117