117

تحريڪ انصاف جو مارچ ختم، حڪومت کي چونڊن لاءِ 6 ڏينهن جي مهلت

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته 6 ڏينهن ۾ عام چونڊون ڪرايون وڃن، جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته 20 لک ماڻهن سان گڏ وري اسلام آباد ايندس. جناح ايونيو اسلام آباد ۾ لانگ مارچ ۾ خطاب ڪندي عمران خان چيو ته 30 ڪلاڪن ۾ ڪينٽينر تي پشاور کان هتي پهتو آهيان، رستن ۾ اکساڙ گئس جي شيلنگ ڪئي وئي، چادر چوديواري جو تقدس لتاڙيو  ويو . سندس چوڻ هو ته آزادي جي تحريڪ کي ناڪام ڪرڻ لاءِ هر قسم جو طريقو استعمال ڪيو ويو پر 30 ڪلاڪن ۾ ڏٺم ته قوم غلامي جي ڊپ مان آزاد ٿي وئي آهي، جهڙي نموني آزادي جي تحريڪ ۾ شامل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن اکساڙ گئس جي شلينگ جو مقابلو ڪيو ان جو مثال نٿو ملي.هن وڌيڪ چيو ته سان اعلان ڪيو هيوسين ته الڪيشن ڪميشن جي اعلان تائين اسلام آباد ڌرڻو هڻي ويهنداسين، پر گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڏٺوسين ته هي ماڻهو ملڪ کي وڳوڙن ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن،  هي ماڻهو فوج ۽ پوليس سان اسان کي ويڙهائڻ  گهرن ٿا، پر هي پوليس به اسان جي آهي ۽ عوام به اسان جو آهي، اسان ملڪ کي ورهائڻ نه آيا آهيون پر قوم کي سنوارڻ  لاءِ آيا آهيون. هن چيو ته حڪومت کي 6 ڏينهن ڏئي رهيو آهيان، اسيمبليون ٽوڙيون وڃن ۽ جون ۾ چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پوري قوم ساڻ وٺي ٻيهر اسلام آباد ايندس.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو