89

وزيراعظم پاران غريب ڪٽنبن کي هر مهيني 2 هزار رپيا اضافي ڏيڻ جو فيصلو، پيٽروليم جا اگهه وڌائڻ جو فيصلو پاڪستان کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪيوسين:شهباز شريف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ جا اثر گهٽائڻ لاءِ  پوري ملڪ جي سڀ کان غريب ڪٽنبن کي هر مهيني 2 هزار روپيا اضافي ڏيڻ جو فيصلو ڪندي 28 ارب روپين جي ريليف پئڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو اعلان وزيراعظم شهباز شريف رات دير سان ٽي وي تي قوم کي خطاب ڪندي ڪيو.  وزيراعظم چيو ته اضافي 2 هزار روپيا پڻ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل  هڪ ڪروڙ 40 لک ڪٽنبن کي ئي ملندا، انهن کي جيڪا امداد اڳ ملي رهي آهي سا پڻ الگ ئي ملندي رهندي ۽ هي 2 هزار روپيا کين هر مهيني ملندا. ان کان علاوه  پوري ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورن تي 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 400 روپين ۾ ملندو. هن چيو ته 28 ارب روپين جو ريليف پئڪيج ايندڙ مالي سال جي بجٽ ۾ شامل ڪيو ويندو. شهباز شريف چيو ته اسان دل تي پٿر رکي پيٽروليم جا اگهه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو، اهو فيصلو رڳو پاڪستان کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪيوسين، اسين هر ڏکيو فيصلو ڪنداسين. دنيا ۾ پيٽرول جا اگهه آسمان تي پهتل آهن، تيل پيدا ڪندڙن سميت سمورا ملڪ ان صورتحال کي منهن ڏئي رهياآهن. پيٽروليم تي سبسڊي ڏيڻ جي گنجائش ئي نه هئي، اڳوڻي حڪومت رڳو پنهنجي سياسي فائدي لاءِ سبسڊي ڏني، ان ئي ملڪ توڙي ان جي عوام کي معاشي بحران ۾ ڦاسائي ڇڏيو. آءِ ايم ايف سان معاهدو به اسان نه پرگذريل حڪومت ڪيو،  ملڪ کي معاشي ڌٻڻ ۾ به ان حڪومت ئي ڌڪيو. جيڪا تباهي گذريل چئن سالن ۾ ٿي سا مون پوري زندگي ۾ ڪڏهن به نه ڏٺي. پاڪستان جي عوام مطالبو ڪيو ته هن نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت مان جان ڇڏائي وڃي، جنهن تي سموري مخالف ڌر لبيڪ چيو ۽ پوءِ آئيني طريقي سان حڪومت تبديل ڪئي وئي، سموريون جمهوري ۽ آئيني گهرجون پوريون ڪيون ويون، پهريون ڀيرو دروازا ٽپيا نه ويا پر کوليا ويا. منهنجي لاءِ وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ ڪنهن ڏکيي امتحان کان گهٽ نه هو،  اسان پاڪستان کي بچائڻ جو چئلينج قبول ڪيو. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته گذريل حڪومت پنهنجي ڪڌن مقصدن جي لاءِ پرڏيهي خط واري سازش جي ڪوڙي ڪهاڻي گهڙي وئي، جنهن کي قومي سلامتي ڪميٽيءَ ٻه ڀيرا رد پڻ ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن ڪير اهو سمجهي ٿو ته ان جو ضد ملڪ جي آئين، ادارن ۽ قانون ٺاهيندڙ ادار کان به مٿانهون آهي ته اها ان جي ڀل آهي، پاڪستان ڪنهن جي ضد سان نه پر آئين موجب هلندو .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو