110

صوبن جي اين ايف سي ايوارڊ جا پئسا روڪي سبسڊي ڏيڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي: وفاقي سرڪار

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) ناڻي واري مملڪتي وزيره ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا چيو آهي ته صوبن جي اين ايف سي ايوارڊ جا پئسا روڪي سبسڊي ڏيڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختياري جي معاملي تي آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، پاليسين جو تسلسل ضروري آهي، آءِ ايم ايف چئي رهيو آهي ته ماضي جي حڪومت جيڪي واعدا ڪيا انهن کان هُو منهن موڙي وئي، پر هاڻي اسان پاڪستان کي ڀروسي جوڳو ڪيو آهي، اسان کي عالمي سطح تي ڪيل واعدا پورا ڪرڻا پوندا، جمع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران عرفان الحق صديقي، سينيٽر تاج حيدر، سينيٽر شوڪت ترين، سينيٽر محسن عزيز ۽ ٻين جي سوالن جي جواب ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر کي اڳوڻي حڪومت مقرر ڪيو هو، گورنر بئنڪ جون پگهارون بورڊ آف گورنرز مقرر ڪندو. هن چيو ته اسان معاشي پاليسين کي پاڻ اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسان سڌارن واري پيڪيج تي ڪم ڪري رهيا آهيون جيڪو اسان جي پنهنجي ملڪ جي مفاد ۾ آهي، جڏهن پنهنجي پيرن تي بيهنداسين ته ان ۾ بهتري ايندي، ان حوالي سان قانونسازي تي به ڪم ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته اڳوڻي حڪومت جي پاليسين جا اثر اسان کي ڀوڳڻا پئجي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته گذريل چئن سالن دوران قرضن ۾ واڌ مهانگائي جو سڀ کان وڏو ڪارڻ آهي، برآمد ۾ واڌ به مهانگائي جو ڪارڻ آهي، گذريل ڪجهه سالن دوران روز مره استعمال جون شيون پرڏيهه مان درآمد ڪرڻ جي ڪري انهن جي اگهن ۾ واڌ ٿي. مهانگائي جي ڪري عوام متاثر ٿي رهيو آهي، اسان کي مهانگائي جي سببن کي سمجهڻو پوندو. عالمي سطح تي مهانگائي وڌي آهي، جنهن جا اثر پيا آهن، اسان مهانگائي گهٽائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.هن وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومتن جي اين ايف سي ايوارڊ جا پئسا روڪي سبسڊي ڏيڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي. اڳوڻي حڪومت پاڻ سبسڊي واپس وٺڻ جو آءِ ايم ايف سان واعدو ڪيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو