130

اسلام آباد ۾ جلسن جلوسن جي داخلا تي مستقل پابندي لڳائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گهرو معاملن واري وفاقي وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته وڳوڙين هٿان ملڪ کي يرغمالڪرڻ جي اجازت نهٿي ڏئي سگهجي، هاڻي ڪنهن به وڳڙي کي لانگ مارچ  ڪري اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت جي ذميداري رياست جي آهي. رياستي ادارا امن وامان کي هر صورت ۾ قائم رکندا. اهڙو اظهار هن جمع ڏينهن امن و امان بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي 25 مئي واري لانگ مارچ جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ ٿيل جاني نقصانن، پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملن ۽ـ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گهرن ۽ گاڏين مان مليل هٿيارن جا تفصيل پڻ پيش ڪيا ويا. اجلاس ۾ سياسي پارٽيءَ جي روپ ۾ پرتشدد جلسن جلوسن کي سختيءَ سان روڪڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ، اسلام آباد ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ وارن جلسن جلوسن جي داخلا تي مستقل پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ اسلام آباد جي انتظاميه کي ڪنهن به لانگ مارچ جو رستو روڪڻ لاءِ وڌيڪ اثرائتا قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي. اجلاس ۾ چڪتاڻ پيدا ڪندڙن کي سختيءَ سان منهن ڏيڻ جي پاليسي اختيار ڪرڻ، جڏهن ته اسلام آباد ۾ جلسا ڪرڻ لاءِ انتظاميه سان لکت ۾ معاهدو ڪرڻ جي صورت ۾ اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو