89

عمران خان الٽيميٽم نه ڏي،6 صدين تائين به واپس نه اچي سگهندئو، عوام سازش کي رد ڪري ڇڏيو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان الٽيميٽم نه ڏي،6 صدين تائين به واپس نه اچي سگهندئو، عوام سازش کي رد ڪري ڇڏيو، پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته هواسلام آباد تياري سان نه آيو هو، رڳو گوليون ۽ بارود جمع ڪيو، ڇو ته سندن ڪارڪنن جي گهرن مان هٿيار مليا آهن، ان جو مقصد هو ته ڪي پي ڪي ۽ وفاقي پوليس پاڻ ۾ وڙهي، جيڪي ٻه ٽي ماڻهو پنهنجن گهرن مان نڪتا انهن وٽ به هٿيار هئا، هن چيو ته نواز شريف جي لانگ مارچ ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهو گهرن مان نڪتا هئا، عمران خان کي جنهن پريس ڪانفرنس جو مشورو ڏنو ، ان زيادتي ڪئي، ڪهڙي رڪارٽ هئي، جنهن اوهانکي روڪيو؟ گهٽ ۾ گهٽ شهيد پوليس اهلڪار جي گهر ته اوهان وڃو ها، هن چيو ته عمران خان ڪن کولي ٻڌي ڇڏ نيوٽرل، نيوٽرل رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو