110

پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي بهترين مفاد ۾ آهي: بلاول ڀٽو

نيويارڪ(م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي بهترين مفاد ۾ آهي، آمريڪي اخبار کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته ٻئي ملڪ پنهنجي ماضين جي غلطين مان سکي سگهن ٿا، لاڳاپا وڌيڪ خراب ٿيڻ ڏيڻ عقلمندي نه هوندي،ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا جهڙي طرح سان رهيا آهن، اهي نه پاڪستان نه ئي آمريڪي عوام جي مفاد ۾ آهن، بلاول ڀٽووڌيڪ چيو ته مونکي يقين آهي ته آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف معاملن تي اتفاق وڌيڪ آهي ۽ اختلاف گهٽ آهن، ڇڪتاڻ عوام لاءِ بهتر ناهي، اتحادي حڪومت جو حصو بڻجڻ اهڙي طرح آهي جيئن آمريڪي ۾ ٽرمپ ڪلٽن خاندان هڪ حڪومت جو حصو آهن،بلاول ڀٽو چيوته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڪيتريون شيون گڏيل آهن، ٻنهي ملڪن کي پنهنجي مثبت لاڳاپن تي جذباتي تي حاوي نه ٿيڻ گهرجي، ڇو ته ان ۾ ڪنهنجو به فائدو ناهي، افغانستان بابت ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته آمريڪا پاڪستان چاهين ٿا ته افغانستان پنهنجو روويو بهتر بڻائي، افغان عوام جي لاءِ ملڪ ۾ استحڪام آڻڻ جي لاءِ طالبان جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو