111

چيف جسٽس تڪرار سرچاءُ ذريعي نبيرڻ ضروري قرار ڏئي ڇڏيو، حڪومت کي قانون ٺاهڻ جو به مشورو

لاهور (م ڊ)  چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته پوري ملڪ ۾ سرچاءُ ذريعي تڪرارن جو نبيرو وقت جي ضرورت آهي، ان کي ضلعي سطح تي فعال ٿيڻ گهرجي. ان حوالي سان تربيت يافته جج، وڪيل ۽ ماهر مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. گذريل ڏينهن مقامي هوٽل ۾ عالمي ٽياڪڙي ڪانفرنس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته روايتي طور وڏي انگ ۾ ڪيسن سان اسان جو نظام رُڪجي ويو آهي ۽ روايتي عدالتي طريقي ۾ پٽيشن سان اسٽامپ پيپر ۽ شاهدن جو هئڻ لازمي آهي، پر ٽياڪڙي وارو طريقو اسان کي فني مونجهارن کان ڇوٽڪارو ڏياري نتيجي تائين پهچائي ٿو، ان طريقي ۾ فني بنيادن تي ڪيس خارج نه ٿو ٿئي پر ان کي حل ڪيو ويندو آهي، حڪومت کي پڻ سرچاءُ واري طريقي بابت قانون ٺاهڻ گهرجي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته چارٽرڊ ادارا ان معاملي ۾ اسان جي مدد ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته نوجوان وڪيلن کي تربيت ڏئي مقامي طور تي سرچاءُ کي هٿي ڏياري سگهجي ٿي، اهڙي طرح معاشري ۾ اسٽرڪچرل تبديليءَ ذريعي معاشي مفاد حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته روايتي عدالتي ڪيسن جو طريقو مهانگو ۽ ڊگهو پڻ ٿئي ٿو، ان ڪري ڪيسن کي سرچاءُ واري انداز ۾ ميرٽ جي بنياد تي اُڪلائڻ گهرجي. چيف جسٽس چيو ته سياسي جماعتون، چيمبر آف ڪامرس، ريگيوليٽري ادارا سرچاءُ وارو انداز اختيار ڪن ۽ـ سرچاءُ جي طريقي ۾ فيصلا سچائيءَ جي بنياد تي ڪيا وڃن ته جيئن عوام جو اعتماد بحال ٿئي. چيف جسٽس چيو ته سي پيڪ جي نتيجي ۾ عالمي ڪمپنين جي تڪرارن کي ملڪي سطح تي سرچاءُ واري انداز سان اُڪلائڻ سٺو تجربو ٿيندو. سي پيڪ جي نتيجي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ملڪي معاشي ترقيءَ سان جڙيل آهي. هن چيو ته عالمي فورم تي تڪرار کڻي وڃڻ سان وڏا خرچ ڪرڻا ٿا پون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو