118

ڪراچي ڊي سي پيٽرول مهانگو هجڻ سبب موٽر سائيڪل تي چڙهي آيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايف بي آر جي ماتحت کاتي ڊائريڪٽوريٽ انٽيليجنس اينڊ انويسٽيگيشن آءَ آر ڪراچي ۾ مقرر گريڊ 18 هين جو ڊي سي پيٽرول مهانگو هجڻ تي گاڏي بدران موٽر سائيڪل تي چڙهي آيو، 18 هين گريڊ جي آفيسر آصف ابڙو جي موٽر سائيڪل تي چڙهي اچڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، هن چيو ته پگهار هڪ لک 17 هزار رپيا آهي، ان پگهار تي گاڏي ۾ پيٽرول نٿو  ڀرائي سگهان، مهانگائي کان تنگ ٿي ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ موٽر سائيڪل استعمال ڪريان پيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو