101

جوابدار پنهنجي فائدي لاءِ اي سي ايل رولز ۾ ترميم ڪيئن ٿوڪري سگهي؟ سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته ڪو جوابدار پنهنجي فائدي لاءِ رولز ۾ ترميم ڪيئن ٿو ڪري سگهي. هن اهڙ ريمارڪس جمع ڏينهن  جانچ ڪندڙ ادارن ۾ حڪومتي مداخلت بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪندي ڏنا. ٻڌڻي تي اٽارني جنرل 5 رڪني لارجر بينچ وٽ پيش ٿيو. چيف جسٽس وڌيڪ ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا وفاقي ڪابينا رولز ۾ ترميم جي منظوري ڏني هئي؟ چيف جسٽس اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته ڪابينا ڪنهن جي چوڻ تي ڪرپشن ۽ ٽئڪس رهتن بابت رولز  ۾ ترميم ڪئي؟ چيف جسٽس اٽارني جنرل سان مڪالمو ڪندي چيو ته اي سي ايل رول 2010 جو سيڪشن 2 پڙهي وٺو، جنهن مطابق ڪرپشن، دهشتگردي، ٽيڪس ادا نه ڪندڙ ۽ لون ڊيفالٽر ملڪ کان ٻاهر نه ٿو وڃي سگهي ته پوءِ وفاقي ڪابينا ڪنهن جي چوڻ تي ڪرپشن ۽ ٽيڪس جي ادائيگي واري رول ۾ ترميم ڪئي آهي. جسٽس مظاهر نقوي ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪابينا جا ميمبر پاڻ هن ترميم مان فائدو وٺي رهيا آهن، اهي پنهنجي فائدي لاءِ ترميم ڪيئن ٿا ڪري سگهن؟ ڇا ڪابينا ميمبرن جا نالا  اي سي ايل ۾ هجڻ ۽ اي سي ايل رولز ۾ ڪابينا طرفان ترميم ڪرڻ مفادن جو ٽڪراءُ نه آهي؟ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايف آءِ اي پراسيڪيوشن ٽيم ڪيس جي ڪارروائي روڪرائڻ لاءِ تبديل ڪئي وئي، آرٽيڪل 248 وزيرن کي فوجداري ڪارروائي کان ڇوٽ نه ٿو ڏي، وزيرن خلاف فوجداري ڪارروائي هلڻ گهرجي، فوجداري نظام سڀني لاءِ هڪ جهڙو آهي. سپريم ڪورٽ اي سي ايل جي رولز ۾ ترميم جو طريقو طلب ڪري جنهن کان پوءِ ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو