93

ايندڙ مهيني ماڻهو نڪرن ته ڪنهن جي به چوڻ تي واپس نه وڃن:شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته هڪ ووٽ جي اڪثريت، آءِ ايم ايف جي خيرات ۽ بيساکين جو سهارو، هي حڪومت ڪيئن هلندي؟ عمران خان گهر وَيهِي رهَي ته 11 اتحادي پارٽيز جي حڪومت هڪ مهينو به گڏ نه هلي سگهندي، ھن چيو تھ ايندڙ مهيني ماڻهو نڪرن ته ڪنهن جي به چوڻ تي واپس نه وڃن، پوءِ دُنيا جي ڪابه طاقت حڪومت کي گهر وڃڻ کان روڪي نه سگهندي، هينئر ملڪ اُتي پهچي ويو آهي، جتي ملڪ هلائڻ سياسي پارٽيز جي وس جي ڳالهه ناهي، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته جيڪي ڌمڪيون ڏيندا هئا، اُهي هاڻي منٿون ڪري رهيا آهن، 11 سياسي پارٽيز بدروحن جي علاج جي ڊيوٽي مون کي ڏني، باس ۽ سندس چاپلوس ٻين جي ٻارن کي روڊ تي ڇڏي ڀڄي ويا، مهانگائي جو طوفان برپا ڪندڙ هاڻي سياست ڪن پيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو