111

عمران خان جو ڪوڙ بي نقاب ٿي ويو، منظرعام تي آيل آڊيو عمران خان جو ٻٽو معيار وائکو ڪري ٿي:وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جو عمران خان جي ٺاهه واري مبينا پيغام بابت ملڪ رياض ۽ آصف زرداري ۾ رابطي جي آڊيو وائرل ٿيڻ واري معاملي تي ردعمل اچي ويو آھي، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان جو ڪوڙ بي نقاب ٿي ويو، منظرعام تي آيل آڊيو عمران خان جو ٻٽو معيار وائکو ڪري ٿي،عمران خان پنهنجي دعوائن اُبتڙ حڪومت ۽ پاڻ کي بچائڻ لاءِ  اين آر او گهريو، وزيراعظم شھباز شريف چيو تھ سموريون ڪوششون ناڪام ٿيڻ بعد عمران خان پرڏيهي سازش جي ڪوڙي ڪهاڻي آندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو