114

مانجهند ۾ سوات واسي پاران شانگلا جي نوجوان کي جعلي ڊوميسائيل ڏيارڻ جو انڪشاف

مانجھند (ويب ڊيسڪ) مانجھند ۾ شانگلا واسي نوجوان کي جعلي ڊوميسائيل ۽ سرٽيفڪيٽ جاري ٿيڻ وارو مامرو پڻ سامھون آيو آھي،ڪول مائينز جي رهائشي سوات واسي پاران شانگلا جي نوجوان کي  جعلي ڊوميسائيل ڏيارڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، ذريعن موجب سوات واسي شاهي من پٺاڻ شانگلا جي نوجوان اسرار کي جعلي ڊوميسائيل ۽ سرٽيفڪيٽ ٺهرائي ڏنا هئا، شاهي من پٺاڻ ڪيترن ئي ڌارين کي جعلي ڊوميسائيل، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٻيا سرٽيفڪيٽ ٺهرائي ڏنا، ذريعن موجب شاهي من پٺاڻ 30 کان وڌيڪ  عطائي ڊاڪٽرن کي به صحت کاتي جا جعلي سرٽيفڪيٽ ٺهرائي ڏنا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو