85

وفاقي ڪابينا عمران خان ۽ محمود خان جي بيانن جو نوٽيس وٺندي ڪميٽي جوڙي ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا عمران خان ۽ محمود خان جي بيانن جو نوٽيس وٺندي ڪميٽي جوڙي ورتي آھي، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل ڪميٽي عمران خان ۽ محمود خان جي بيانن جو جائزو وٺڻ بعد لائحه عمل پيش ڪندي، ڪابينا جي پڌرائي موجب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان مارچ ۾ شامل ڪارڪنن وٽ هٿيار هجڻ جو اعتراف ڪيو هو، محمود خان ايندڙ مارچ ۾ وفاق خلاف ڪي پي جي فورس استعمال ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ امن امان برقرار رکڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو