اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن نيون چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار ٿي وئي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته ، اليڪشن لاءِ تيار آھيون، فيصلو حڪومت کي ڪرڻو آهي، ڪميشن بنا ڪنهن خوف جي فيصلا ڪندي آهي ۽ ڪندي رهندي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ڪو ناراض يا راضي ٿئي ٿو ته اُهو سندن مسئلو آهي، تڪبندين تي ڪم تيزي سان جاري آهي، ھن چيو تھ آدمشماري جا نتيجا دير جو شڪار ٿيا ته 2017ع جي آدمشماري جي بُنياد تي ٿيل تڪبندين تحت چونڊون ڪرايون وينديون، اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر اسيمبلي ميمبرز جي استعيفيٰ جو ڪيس ڪميشن کي نه اُماڻيو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جي حق کان محروم رکڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ويا آھن تھ اڳوڻي ۽ موجوده قانون ۾ سمنڊ پار پاڪستانين کان ووٽ جو حق ناهي کسيو ويو، بادي النظر ۾ اڳوڻي حڪومت جي ترميم سُپريم ڪورٽ جي فيصلي پٽاندڙ نه هئي، چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ جو رڳو طريقو طئه ٿيڻو آهي، هاڻي جيڪا ترميم ٿي آهي، اُن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ جو حق ختم ناهي ڪيو ويو، درخواست تي ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي.
95