121

ترڪيءَ جا دشمن پاڪستان جا دشمن آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ گڏ بيٺل آهيون: شهباز شريف

انقره ( م ڊ )  وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جا لاڳاپا گڏيل تاريخ ۽ مقصدن تي ٻڌل آهن ۽ اهي لاڳاپا نسل در نسل جاري رهندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملاقات کان پوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف صدر ايردوآن سان ملاقات کي انتهائي لاڀائتي قرار ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته ترڪ صدر جي فعال قيادت ۾ ٻطرفا لاڳاپا نئين بلندين تائين پهچندا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي فطري حصيدار آهن، اسان جا موقعا به هڪ جهڙا آهن ۽ چئلينج به هڪ جهڙا آهن، اسان جي قوم سدائين ڏکيي وقت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل هوندي آهي. پاڪستان جي عوامي بنيادي دلچسپي جي مسئلن خاص طور تي ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت تي صدر رجب طيب ايردوآن کي ساراهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين پنهنجي ترڪ قبرصي ڀائرن جي مقصد جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي ۽ اسان انهن جي جائز حقن ۽ امنگن جي حمايت جاري رکنداسين. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ترڪيءَ سان گڏ بيٺل آهي. ترڪيءَ جا دشمن پاڪستان جا دشمن آهن. هن چيو ته اسان سيپٽمبر ۾ صدر رجب طيب ايردوآن جي پاڪستان جي دوري جا منتظر آهيون، ان سان اسان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو موقعو ملندو. ان موقعي تي ترڪيءَ جي صدر رجب طيب ايردوآن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ انتهائي ويجها لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته عوام جي خوشحالي جي لاءِ پاڪستان سان اقتصادي تعاون ترجيح آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مواصلات، تعليم، ماحوليات ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ ويجهو تعاون آهي. پاڪستان کي بحري جهازن جي تياري ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪري رهيا آهيون. ترڪ صدر چيو ته دهشتگردي خلاف پاڪستان جي سڀني ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا. عالمي فورمن تي پاڪستان جي ڀرپور حمايت تي سندس ٿورائتا آهيون. مختلف عالمي فورمن تي اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پاڪستان ۽ ترڪيءَ هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. هن چيو ته اسان ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي جائز امنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي حل جي حمايت ڪريون ٿا.  ان کان اڳ پاڪستان جي پرڏيهي وزير  بلاول ڀٽو ۽ ترڪيءَ جي ٽرانسپورٽ واري وزير  مفاهمت جي 7 مختلف يادداشتن تي صحيحون ڪيون. جن ۾ ترڪ ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ ناليج شيئرنگ پروگرام جي فريم ورڪ، ترڪ ٽرانسپورٽ ۽ انفراسٽرڪچر وزارت ۽ پاڪستان جي مواصلات واري وزارت جي وچ ۾ هاءِ وي انجنيئرنگ، ترڪيءَ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ معاشي لاڳاپن جي فروغ بابت گڏيل وزارتي بيان،ترڪيءَ ۽ پاڪستان جي ناڻي واري وزارت جي وچ ۾ فني تعاون پروٽوڪول جي مفاهمت، ترڪيءَ جي ناڻي واري وزارت ۽ پاڪستان جي اقتصادي معاملن واري وزارت جي وچ ۾ قرضن جي انتظام بابت تعاون پروٽوڪول، گهرن جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ ترڪيءَ جي ماحوليات شهري ترقي ۽ موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي وچ ۾ مفاهمت شامل آهن. پاڪستان پاران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ واپار واري وزير سيد نويد قمر جڏهن ته ترڪيءَ پاران  ٽرانسپورٽ واري وزير معاهدن تي صحيحون ڪيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو