108

سپريم ڪورٽ پاران پي ٽي آءِ جي مارچ دوران عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙين جا ثبوت هفتي اندر طلب

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي مارچ دوران عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙين جا ثبوت طلب ڪري ورتا آهن. اڪثريتي فيصلي ۾عدالت ڪيترائي سوال اٿاريا ويا آهن ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي آءِ بي، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد کان جواب طلب ڪيا آهن.عدالت ڪيترن ئي سوالن جا جواب ۽ لاڳاپيل ثبوت هڪ هفتي ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جڏهن ته فيصلي ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي اختلافي نوٽ لکندي عمران خان  جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي آهي. جسٽس يحيٰ آفريدي  پنهنجي اختافي نوٽ ۾ لکيو آهي ته آئون  ان ڳالهه سان متفق نه آهيان ته عمران خان جي خلاف ڪارروائي لاءِ عدالت وٽ مواد موجود نه آهي،عمران خان پنهنجي ڪارڪنن کي ڊي چوڪ پهچڻ جو چيو ۽ 25 مئي واري عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. منهنجي راءِ موجب عمران خان عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. عدالت وٽ عمران خان خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ڪافي مواد موجود آهي. ان جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.  عمران خان کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري پڇيو وڃي ته ڇو نه اوهان جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي؟ جڏهن ته سپريم ڪورٽ پنهنجي اڪثريتي فيصلي ۾ لکيو آهي ته لانگ مارچ جي صورتحال ختم ٿي وئي، روڊ کلي ويا ۽ پٽيشن غير اثرائتي ٿي وئي، تنهن ڪري اسلام آباد بار جي پٽيشن اڪلائي وئي آهي. لکت فيصلي موجب عدالت عظميٰ کي مايوسي ٿي ته عدالتي ڪوشش جو احترام نه ڪيو ويو، عدالت جي ڪارروائي جو مقصد ڌرين ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ هو، عدالتي حڪم نامو ڌرين جي موجودگي ۾ جاري ڪيو ويو، ان ڪيس ۾ سياسي جماعتن طرفان اعليٰ اخلاقي قدرن ۾ گهٽتائي ٿي، سياسي جماعتن جي قدمن سان عوامي حقن ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو. اڪثريتي فيصلي ۾ ڪيترائي سوال اٿاريا ويا آهن ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي آءِ بي، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد کان جواب طلب ڪيو ويو آهي. عدالت سوالن  ۾ پڇيو ته عمران خان ڪهڙي وقت پارٽي ورڪرن کي ڊي چوڪ پهچڻ جو چيو؟ ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪيئن احتجاج ڪندڙن پابندي پيل جاين تي وڃن لاءِ بيريئر پار ڪيا؟ ريڊ زون ۾ گهڙندڙ جٿو منظم هو؟ ڪنهن جي نگراني ۾ هو يا اوچتو داخل ٿيو؟ عدالت پڇيو ته ڇا ڪا شرپسندي ٿي يا حڪومت جي خاطري جي ڀڃڪڙي ٿي؟ ڇا پوليس احتجاج ڪندڙن خلاف غير متوازن ڪارروائي ڪئي؟ ڪيترا احتجاجي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيا؟ جيڪڏهن ريڊ زون جي سيڪيورٽي جا انتظام هئا ته ڇا اختيارين نرمي ڪئي؟ ڇا احتجاجين سيڪيورٽي بيريئر کي ٽوڙيو يا ڀڃڪڙي ڪئي؟ عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا احتجاجين مان ڪوئي يا پارٽي ورڪر جي نائن يا ايڇ نائن گرائونڊ پهتو؟ ڪيترا سويلين زخمي ٿيا يا فوت ٿيا، اسپتال پهتا يا گرفتار ڪيا ويا؟ عدالت حڪم ڏنو ته سوالن جي جوابن تي ٻڌل رپورٽ هڪ هفتي ۾ جمع ڪرائي وڃي ۽ انهن سڀني ثبوتن جو جائزو وٺي فيصلو ڪيو وڃي ته عدالتي حڪم تي عمل ٿيو يا نه؟ عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته حقيقتن جي بنياد تي تصديق جي ضرورت آهي ته عدالت جي ڏنل هدايتن جي ڀڃڪڙي نه ٿئي، عدالت کي ڏسڻو پوندو ته ڀڃڪڙين تي ڪنهن جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي. تحريري فيصلي موجب ايگزيڪيوٽو، پي ٽي آءِ قيادت ۽ ٻيون سياسي جماعتون پرامن سياسي سرگرمين جو ضابطو ٺاهينديون. اڪثريتي فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته پرامن احتجاج آئيني حق آهي پر اهو رياست جي اجازت سان ٿي سگهي ٿو، تحريڪ انصاف جي اعليٰ قيادت جي خاطرين تي 25 مئي تي حڪم جاري ڪيو، حڪم احتجاجين ۽ عوام جي حقن ۽ رياست جي فرضن ۾ توازن پيدا ڪيو، عدالت نيڪ نيتي سان توازن قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عدالت مخالف ڌرين جي خاطرين تي اعتماد ڪندي حڪم ڏنو، عدالت طرفان نيڪ نيتي سان ڪيل ڪوششن جي توهين ڪئي وئي ۽ عدالت کي 25 مئي جي حڪم جي ڀڃڪڙي تي رنج آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو