137

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ترڪي جي ٽرانسپورٽ واري نائب وزير وچ ۾ ملاقات

انقره (م ڊ) سنڌ حڪومت طرفان ترڪي کي سنڌ ۾ پنهنجا گاڏين جا مينيو فيڪچرنگ پلانٽس لڳائڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پرائيويٽ پارٽنرشپ معاهدن تحت ترڪ سيڙپڪارن کي سهولتون ۽ سبسڊي ڏني ويندي. سڌ سماءُ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ انقره ۾ ترڪي جي ٽرانسپورٽ واري نائب وزير سيلِن دورسن سان ملاقات ڪئي ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ ترڪي جي ڪاميابين کي ساراهيو. ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ ترڪي جي نائب وزير سان ڳالھائيندي ترڪي جي ڪمپنين کي  پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ پنهنجا ٽرانسپورٽ گاڏين جا مينيو فيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ جي دعوت ڏني. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ معاهدن تحت ترڪ سيڙپڪارن کي سهولتون ۽ سبسڊي ڏيڻ لاءِ به تيار آهي. صوبائي وزير ترڪي جي  ٽرانسپورٽ واري نائب وزير کي گذارش ڪئي ته ترڪي جي بسن ۽ ماس ٽرانزٽ گاڏين جا تفصيل ۽ ڊزائين بابت ڄاڻ ڏني وڃي. شرجيل انعام ميمڻ ترڪ ماهرن کي سنڌ جو دورو ڪرڻ جي به دعوت  ڏني ته جيئن معاملي تي اڳڀرائي ٿي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو