لاهور (م ڊ ) لاهور جي سيشن عدالت وڪيلن تي تشدد واري ڪيس ۾ وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. لاهور جي سيشن عدالت ۾ تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ دوران وڪيلن تي تشدد خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. تحريڪ انصاف جي وڪيل اڳواڻ حيدر مجيد ايڊووڪيٽ طرفان درخواست ڏني وئي هئي، جنهن ۾ چيو ويو ته رانا ثناءُ الله جي چوڻ تي پوليس وڪيلن تي تشدد ڪيو. ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ ايڊيشنل سيشن جج ميان مدثر عمر بودله درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
106