اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) ايندڙ مالي سال جو وفاقي بجيٽ 6 جون تي پيش ٿيندو. جڏهن ته ناڻي واري وزير خرچ گهٽائڻ ۽ ٽئڪس وڌائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ايندڙ مالي سال 23 – 2022ع جي وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ جي لاءِ قومي اسيمبلي جو 43 سيشن سومر 6 جون تي شام 4 وڳي ٿيندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي اجلاس آئين جي آرٽيڪل 54 جي شق (1) تحت طلب ڪيو آهي. ٻي پاسي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل آمريڪي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف چاهي ٿو ته اسين پيٽرول، ڊيزل ۽ بجليءَ تي ملندڙ سبسڊيز ختم ڪريون، وفاقي بجيٽ پيش ٿيڻ کان پوءِ ان سان معاهدو ٿيڻ جي اميد آهي. ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ حڪومتي خرچن کي گهٽ ڪنداسين ۽ ٽئڪسن ۾ واڌ ڪنداسين. گذريل حڪومت روس کان تيل خريد ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو هو پر شايد پابندين لڳڻ سبب ان ڪو جواب نه ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن روس تيل ڏيڻ جي آڇ ڪندو ۽ پابنديون ڪا رڪاوٽ نه ٿينديون ته پوءِ ضرور خريد ڪرڻ تي غور ڪنداسين.
118