81

سخت فيصلا ڪندس جيڪي اشرافيه ۽ آفيسرن کي قبول ڪرڻا پوندا، فوج اندرين ۽ ٻاهرين سلامتيءَ جي ضامن آهي: شهباز شريف

اڪوئٽا/سلام آباد (م ڊ / بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سخت فيصلا ڪندس جيڪي اشرافيه ۽ آفيسرن کي قبول ڪرڻا پوندا، فوج اندرين ۽ ٻاهرين سلامتيءَ جي ضامن آهي، اشرفيه قرباني ڏي. اهڙو اظهار  گوادر ۽ ڪوئٽا ۾ تقريبن کي خطاب ڪندي ۽  ترڪي جي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئٽا جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته فوج ملڪ جي اندرين ۽ ٻاهرين سلامتيءَ جي ضامن آهي. فوجهن خطي جي استحڪام جي ضامن آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جون ڪاميابيون مثالي آهن جنهن جو دنيا ڀرپور اعتراف ڪري ٿي، هٿياربند فوج قدرتي آفتن دوران قوم جي خدمت ۾ سدائين ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي هٿياربند انتهائي اهم رياستي ادارو آهي ۽ قوم جو فخر آهي. وزيراعظم زور ڏنو ته ملڪ جو دفاع مقدس آهي، پاڪستان جي سلامتي، خودمختياري ۽ سالميت جي حفاظت هر صورت ۾ ڪئي ويندي. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف جمع ڏينهن گوادر ايسٽ بي ايڪسپريس وي جو افتتاح ڪيو . ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن بابت وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دل تي پٿر رکي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻي پئي، اڳوڻي حڪومت کي ڪڏهن به عوام جي تڪليفن جو احساس نه هو ان بي اعتمادي واري رٿ کان پوءِ  هُنن اگهه گهٽائي اسان لاءِ بارودي سرنگون وڇايون.  هن چيو ته قرض وٺي امپورٽ ٿيندڙ شين تي ڪيئن ٿي سبسڊي ڏئي سگهجي ؟ اسان وٽ ٻيو ڪو چارو نه هو، 8 ڪروڙ عوام کي 2 هزار روپين جو وظيفو ڏئي سبسڊي ڏني، اسان جي دل غريب عوام سان گڏ ڌڙڪندي آهي. وزيراعظم چيو ته  اسان کي دل تي پٿر رکي پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻي پئي. سڀاڻي  ( اڄ ) ميٽنگ ۾ سخت فيصلا ڪندس جيڪي سرڪار آفيسرن توڙي اشرافيه کي مڃڻا پوندا، سڀ کان پهرين مون کي، وفاقي وزيرن ۽ ٻين کي سخت فيصلا سهڻا پوندا، اشرافيه تي فرض آهي ته اڳتي وڌي۽ قرباني ڏي، سادگي اختيار ڪري. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته  گوادر ۾ چين ڊي سيلينيشن پلانٽ جو به انتظام ڪيو آهي. هن چيو ته اسان گوادر ۾ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو، گوادر ۾ ڪم جي رفتار تسلي جوڳي ناهي، اڃا تائين گوادر هوائي اڏي جو ڪم مڪمل ناهي ٿي سگهيو، 2017ع ۾ گوادر ايئر پورٽ جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو هو، گوادر هوائي اڏو گرانٽ جي طور تي چيني صدر ڏنو، جنهن اڃا تائين اسان مڪمل ناهيون ڪري سگهيا. مون احسن اقبال کي هدايت ڪئي آهي ته لاڳاپيل وزيرن سان گڏجاڻي ڪري هر منصوبي کي ٽائم لائن سان مڪمل ڪري . ٻي پاسي ترڪي جي سرڪاري ٽيلي ويزن ”ٽي آر ٽي“ کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم  شهباز شريف چيو عام چونڊن کان اڳ مهانگائي ۽ غريبي ۾ گهٽتائي لاءِ ڊگهي مدي وارا قدم کڻڻ ۽ ان دوران مهانگائي ۽ غربت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ اسان جو هدف آهي، حڪومت کي عالمي سطح تي تيل جي وڌندڙاگهن ئي پيٽروليم ۽ گئس جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. منهنجو ويزن پاڪستان جي نئين سر تعمير، غريبي ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ ڪفايت شعاري لاءِ سرڪاري شعبي جي بجٽ ۾ ڪٽوتي لاءِ پنهنجي پوري ڪوشش ڪرڻ آهي، وزيراعظم شهباز شريف اها ڳالهه زور ڏئي چئي آهي ته سندس حڪومت چونڊن کان اڳ عوام کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڊگهي مدي وارا قدم کڻندي. . وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪي معيشت گذريل ٽن سالن ۾ تمام گهڻو نقصان کنيو ۽ پاڪستان معيشت کي درست ڪرڻ لاءِ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي.  هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايندڙ عام چونڊن ۾ سندس پارٽي عوام جي مرضي موجب اقتدار ۾ اچي ٿي ته بيروزگاري ۽ غربت جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ مڪمل ترقياتي ايجنڊا شروع ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي تيل جي آسمان کي ڇهندڙ اگهن حڪومت کي پيٽروليم ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. وزيراعظم پاڪستان جي سياسي صورتحال جي باري ۾ پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عدم اعتماد جو ووٽ ڪامياب ٿيو آهي، اهو اقتدار جي هڪ آئيني ۽ قانوني منتقلي ٿي آهي جيڪا آئين ۾ ٻڌائي وئي آهي. هن چيو ته اهو هڪ ”ڪوانٽم جمپ“ بدران هڪ وڏو قدم آهي، وزيراعظم زور ڏئي چيو ته پاڪستان ۾ هي هڪ قابل قبول معمول هئڻ گهرجي ته جيڪڏهن پارليامينٽرين جي اڪثريت محسوس ڪري ٿي ته هڪ خاص حڪومت هجي، ته کين ملڪ جي قانون موجب آزادي سان ووٽ ڏيڻ جي اجازت هجڻ گهرجي. هن چيو ته ان کان اڳ ماضي ۾ اهڙي طرح جي حالتن ۾ مارشل لا ۽ فوجي مداخلت جو مشاهدو ٿيو آهي پر هاڻي ان پوري صورتحال کي تبديل ڪيو آهي ۽ ان جي حمايت ڪرڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو