72

ڀارت ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي دهشتگردي طور پيش ڪري پيو ڀارتي عدالت من گهڙت ۽ ڪوڙي الزام تي ياسين ملڪ کي سزا ٻڌائي آهي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو پاران ڪشميري اڳواڻ ياسين ملڪ جي سزا خلاف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکي ڇڏيو آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو آهي ته ڀارت ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي دهشتگردي طور پيش ڪري رهيو آهي، ڀارتي عدالت من گهڙت ۽ ڪوڙي الزام تي ياسين ملڪ کي سزا ٻڌائي آهي، بيماري باوجود جيل ۾ مٿس بي رحماڻو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، بدنيتي تي ٻڌل سزا ڀارتي ارادن جي عڪاسي آهي، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته ڀارت جي ڪوشش آهي ته ڪشمير جي جائز آزادي واري جدوجهد کي دهشتگردي ٽوڙ تي پيش ڪيو وڃي،ڀارت عالمي قانوني ذميوارين کي نظر انداز ڪيو آهي، ياسين ملڪ سان سلوڪ ڪشميري قيادت کي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش آهي، خطرو آهي ته ياسين ملڪ کي حراست دوران قتل ڪيو ويندو، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل گڏيل قومن جي قراداد مطابق ڪشمير تڪرار جو پرامن حل ڪڍي، مقامي ڪشميري قيادت کي تشدد جو نشانو بڻائڻ جو نوٽيس ورتو وڃي، ياسين ملڪ جي خلاف سمورا بي بنيادي الزام واپس وٺڻ لاءِ ڀارت تي دٻاءُ ُوڌايو وڃي، بلاول ڀٽو چيو ته ياسين ملڪ کي ڀارتي قيد مان جلد آزاد ڪيو وڃي، بي بنياد، من گهڙت ۽ ڪوڙن الزامن ۾ قيد سمورا ڪشميري اڳواڻ آزاد ڪيا وڃن، ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد مطابق حق خود اراديت ڏي ۽ خطي ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون بند ڪري، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڪاري  قانون کي ختم ڪري، گڏيل قومن جي نگراني هيٺ جاچ جي لاءِ آزاد محققن کي رسائي ڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو