83

سپريم ڪورٽ پاران نيب ۽ ايف آءِ اي کان هاءِ پروفائل ڪيسن جو رڪارڊ طلب،اي سي ايل ترميمون قانوني دائري ۾ آڻڻ لاءِ هفتي جي مهلت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جانچ جي معاملن ۾حڪومتي شخصيتن جي مداخلت جي تاثر تي ورتل پاڻمرادو نوٽيس واري ڪيس ۾ حڪومت کي اي سي ايل ترميم کي قانوني دائري ۾ آڻڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏيندي نيب ۽ ايف آءِ اي ۾ جانچ هيٺ سمورن هاءِ پروفائل ڪيسز جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. جمع ڏينهن جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني لارجر بينچ معاملي تي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران اٽارني جنرل اشتر اوصاف دليل ڏيندي مؤقف اختيار ڪيو ته پرڏيهه جو سفر ۽ آزاديءَ سان اچ وڃ هر شهريءَ جو آئيني حق آهي، ڪنهن به ماڻهو خلاف نيب ۾ جانچ يا ڪنهن ايجنسي جي جاچ سبب نالو اي سي ايل ۾ نٿو وِجهي سگهجي. وفاقي حڪومت ڪنهن شخص جو نالو اي سي ايل ۾ وِجهڻ کان اڳ اچ وڃ جي آزادي ۽ ان تي لڳل الزامن جو جائزو وٺندي آهي، حڪومت سموريون قانوني گُهرجون پوريون ڪري اي سي ايل رولز ۾ ترميم ڪئي. وفاقي ڪابينا اي سي ايل رولز ترميم ۾ لکيو آهي ته ان تي عمل ماضيءَ کان لاڳو ٿيندو. اي سي ايل رولز ۾ ترميم وفاقي حڪومت جي صوابديد آهي. وفاقي ڪابينا۾ شامل ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جو سبب آزاديءَ سان حڪومتي معاملا هلائڻ آهي، ڪنهن قانون ۾ نه لکيو ويو ته اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ نيب سان مشاورت ضروري آهي. ضابطه اخلاق تحت ذاتي نوعيت جو ڪيس وزير وٽ نٿو وڃي. ان دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪرپشن وڏو ڏوهه آهي ۽ نيب جو هر ڪيس ئي ڪرپشن بابت هوندو آهي، نيب هر جوابدار جو نالو اي سي ايل ۾ شامل نٿو ڪرائي، نيب مطابق اربين روپين جي ڪرپشن جي جوابدارن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا ويا آهن، جيڪڏهن نيب يا تحقيقاتي ادارو ڪنهن خلاف جانچ ڪري رهيو آهي ته ان جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ کان اڳ اداري سان مشاورت ڪئي وڃي، اسان چاهيون ٿا ته قانون تي عمل ڪري سڀني سان هڪ جهڙو انصاف ٿئي، ڏسڻو پوندو ته اي سي ايل رولز ۾ ترميمون ماضيءَ کان ڇو لاڳو نه ڪيون ويون. ٽرائل دوران پراسيڪيوٽر چوي ته رڪارڊ نه ملي رهيو آهي ته تڪليف ٿيندي آهي، نيب جي ڪيسز ۾ ايئن ٿيندو رهيو آهي ته رڪارڊ نٿو ملي، ڪنهن ڪيس ۾ مواد نه هجي ته الڳ ڳالهه آهي، عدالت جي ڳڻتي آزاديءَ سان جانچ ۽ـ ٽرائل جي حوالي سان آهي، ايئن نه ٿئي جو مواد موجود به هجي ۽ شاهدن کي ماٺ ڪرايو وڃي. پراسيڪيوشن جي صحيح ڪم نه ڪرڻ سان انصاف واري نظام تي خراب اثر پوي ٿو. انصاف واري نظام کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهو  چوڻ غلط آهي ته پاڪستان جي عدليه 128هين نمبر تي آهي، پاڪستان جي رينڪنگ ڊيٽا نه آهي پر تاثر جي بنياد تي ڪئي وئي، ڪنهن بي گناهه کي جيل ۾ نه وجهڻ گهرجي، غلط فيصلا اعليٰ عدليه سان تبديل ٿي وڃن ٿا، 90 سيڪڙو فيصلا اعليٰ عدليه ۾ برقرار رهندا آهن. عدالتي فيصلن کان پوءِ ماڻهو الله جي نالي تي معاف ڪري ڇڏين ٿا، ڏسڻو پوندو ته سنگين ڏوهن وارن کي معافي ملڻ گهرجي يا نه، حڪومت کي هڪ هفتي جي مهلت ڏيون ٿا. ايگزيڪيوٽو اختيارن ۾ في الحال مداخلت نه ٿا ڪرڻ چاهيون. هڪ هفتي ۾ اي سي ايل ترميم کي قانوني دائري ۾ آڻڻ لاءِ مناسب قدم کڻي، اختيارن جو استعمال ڪندي ايمانداري، منصفاڻي ۽ شفافيت کي نظر ۾ رکيو وڃي. ان موقعي تي چيف جسٽس ڊي جي ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي ته اوهان سول سرونٽ آهيو ڪنهن جي مداخلت تسليم نه ڪريو، جيڪڏهن ڪو دٻاءُ وِجهي ٿو ته عدالت کي ٻُڌايو، اوهان کي تحفظ ڏنو ويندو. جسٽس مظاهر علي اڪبر ان موقعي تي اٽارني جنرل کان پُڇاڻو ڪيو ته اوهان چيو ته پرڏيهه وڃڻ بنيادي حق آهي، جيڪڏهن پرڏيهه وڃڻ بنيادي حق آهي ته اي سي ايل جو باقي ڪهڙو جواز رهي ٿو. جنهن تي اٽارني جنرل مؤقف اختيار ڪيو ته منهنجي راءِ ۾ ته اي سي ايل هجڻ ئي نه گهرجي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪيس ۾ ذاتي رايا نه ڏنا وڃن. ايڊيشنل اٽارني جنرل ان دوران عدالت کي ٻُڌايو ته اي سي ايل مان نالا ڪڍڻ کان پوءِ 30 ماڻهو پرڏيهه ويا آهن جن مان 23 واپس آيا آهن، 7 واپس نه آيا آهن. چيف جسٽس ان موقعي تي ريمارڪس ڏنا ته اسان کي ڳڻتي آهي ته آزاديءَ سان جانچ ٿئي ۽ شفاف ٽرائل ٿئي، نه رڪارڊ گم ٿيڻ گهرجي ۽ نه شاهدن کي ماٺ ڪرائڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ان موقعي تي آبزرويشن ڏني ته جيڪڏهن ڪو زبردستي ڪيس ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي. پراسيڪيوٽر جنرل ان دوران عدالت کي استدعا ڪندي چيو ته نيب کي ڪيسن جو جائزو وٺڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي، نئين نيب چيئرمين جي مقرري کان پوءِ ئي حڪمن تي عمل ٿي سگهندو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال پراسيڪيوٽر جنرل نيب کي هدايت ڪئي ته نيب تي جيڪڏهن ڪو دٻاءِ وجهي ته عدالت کي آگاهه ڪيو، حڪومت سوچي سمجهي نئين نيب چيئرمين جي مقرري ڪري، ان معاملي تي نظر آهي، حڪومت مان سٺي اميد آهي، اميد آهي صاف، ايماندار، قابل ۽ نيڪ شخص کي نيب چيئرمين لڳايو ويندو. عدالت ايف آئي اي ۽ نيب جي هائي پروفائيل ڪيسن جو رڪارڊ طلب ڪندي قرار ڏنو آهي ته ايف آئي اي ۽ نيب سڀني هائي پروفائل ڪيسن جي ثبوتن ۽ رڪارڊ جي سافٽ ڪاپي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وڃي. جيڪڏهن رڪارڊ گم ٿي وڃي ته سپريم ڪورٽ مان توهان کي ملي ويندو، ايف آئي اي جانچ آفيسرن ۽ پراسيڪيوٽر کان سواءِ سڀني آفيسرن کي تبديل ڪري سگهي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو