103

وفاقي، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا جي وزيرن ۽ آفيسرن کي ملندڙ پيٽرول ۾ 35 کان 40 سيڪڙو ڪٽوتي جو فيصلو

اسلام آباد / ڪراچي / پشاور ( م ڊ ) وفاقي ڪابينا توڙي سنڌ ۽ خيبرپختونخوا جي وزيرن ۽ آفيسرن کي ملندڙ پيٽرول ۾ 35 کان 40 سيڪڙو ڪٽوتي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ سبب وزيراعظم شهباز شريف وفاقي وزيرن ۽ آفيسرن کي مفت ملندڙ پيٽرول جي ڪٽوتي جو فيصلو ڪيو . جنهن کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پڻ وزيرن ۽ آفيسرن جي پيٽرول جي ڪوٽا 40 سيڪڙو گھٽ ڪري ڇڏي آهي. ان بابت وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پيٽرول جي اگهه ۾ واڌ جو بار سرڪاري خزاني تي نه پوڻ گهرجي، ڇو ته اهو بار پڻ اصل ۾ عوام تي پوي ٿو. ڪوٽا گهٽائڻ سان بار گهٽ ٿيندو. ٻي پاسي  خيبر پختونخوا جي وڏي وزير محمود خان سرڪاري کاتن جي تيل جي ڪوٽا 35 سيڪڙو گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪي پي ڪي جي ناڻي واري وزارت چيو آهي ته وڏي وزير محمود خان جي تيل جي وڌندڙ قيمتن جي روشنيءَ ۾ سرڪاري کاتن جي تيل تي 35 سيڪڙو گهٽائڻ سان صوبي کي وڏي بچت ٿيندي. ناڻي کاتي جي ترجمان مطابق سرڪاري انگن اکرن مطابق ان فيصلي جي روشنيءَ ۾ صوبي کي ماهوار 12.5 ڪروڙ روپين جي بچت ٿيندي، جڏهن ته ان فيصلي سان صوبي کي ساليانو 1.5 ارب روپين جي بچت ٿيندي. واضح رهي ته پي او ايل جي مد ۾ ساليانو 3.5 ارب سرڪاري کاتن ۾ خرچ ٿيندا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو