اسلام آباد / ڪراچي/لاهور (م ڊ) پيپلز پارٽي سنڌ عمران خان طرفان ملڪ جا ٽي ٽڪڙا ٿيڻ ۽ ادارن بابت ڳالهائڻ خلاف سڀاڻي 5 جون آچر ڏينهن سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيوآهي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار قمر الزمان ڪائره ۽ پ پ جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمران خان ملڪ ۽ قوم سڀني کي وِساري ملڪ ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو آهي، عمران خان حڪومت مان نڪرڻ کان پوءِ ادارن تي حملا پيو ڪري. عمران خان کي ميڊيا تي بليڪ آئوٽ ڪرڻ گهرجي. عمران خان مسلسل ادارن تي دٻاءُ وِجهي رهيو آهي، هاڻي عمران خان چئي رهيو آهي ته مان آهيان ته ملڪ آهي جيڪڏهن پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم اقتدار لاءِ انڌو ٿي وڃي ته چوي ٿو ته ملڪ جا ٽڪرا ٿي ويندا، اسان پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو هو. پ پ فيصلو ڪيو آهي ته آچر ڏينهن سڄي ملڪ ۾ ڪارڪن ”پاڪستان کپي“ جي نعري هيٺ ريليون ڪڍندا. ٻي پاسي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو پارٽي پاليسي بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي طرفان آچر ڏينهن سنڌ جي تمام ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائي پاڪستان کپي ريليون ڪڍيون وينديون جن ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ پارٽي جا ذميوار، صوبائي ۽ وفاقي وزير، صلاحڪارم خاص معاون، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۽ سينيٽ، ذيلي ونگز سميت پارٽي جا ورڪرز ڀرپورشرڪت ڪندا. نثار کهڙي چيو ته جيڪي قوتون چاهين ٿيون ته پاڪستان ٽٽي عمران خان انهن قوتن جي ان سازش جو حصو بڻجي چڪو آهي. عمران خان جي ملڪ جا ٽي ٽڪرا ٿيڻ ۽ ايٽمي اثاثن سميت پاڪستان جي فوج بابت بيان ملڪ خلاف سازش ۽ بغاوت آهن ان لاءِ اعليٰ عدليه ۽ ادارا عمران خان جي بيان جو نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪن. هن چيو ته عوام پاران رد ڪيل ليڊر عمران خان هر صورت اقتدار ۾ اچڻ لاءِ ادارن کي للڪاري ملڪ کي ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي ان ڪري ادارن کي خاموشي ٽوڙي عمران خان جو اهو تماشو بند ڪرڻ گهرجي. هوڏانهن لاهور ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن عمران خان جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.
