87

سنڌ پيپلز بس سروس جي اڄ کان ٽيسٽ ڊرائيو ڪرڻ جو فيصلو،شهري بيچني سان انتظار ڪن پيا: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽرانسپورٽ کاتي  سنڌ پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس جي اڄ کان ٽيسٽ ڊرائيو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي جا شهري بيچيني سان بس سروس جي آَغاز جو انتظار ڪري رهيا آهن، اهڙو فيصلو اطلاعات ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ سنڌ پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس بابت اجلاس ۾ ڪيو ويو، اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ، سيڪريٽري اطلاعات عبدالرشيد سولنگي، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. صوبائي وزير چيو ته بس سروس جو ٽيسٽ ٽرائل اڄ ڇنڇر ڏينهن 4 جون تي شام 4 وڳي ڪيو ويندو. پيپلز بس سروس جي روٽ ون  ماڊل ڪالوني کان آواري ٽاور تائين ٽيسٽ ڊرائيو ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪراچي جا شهري بيچيني سان بس سروس جي آغاز جو انتظار ڪري رهيا آهن، ٽيسٽ ڊرائيو جو مرحلو مڪمل ٿيڻ جي چند ڏينهن جي اندر  بس سروس جو باقاعده آغاز ڪيو ويندو. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي  پبلڪ ٽرانسپورٽ جو پراڻو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ وڃي رهي آهي. ان ڏس ۾ ٽرانسپورٽ کاتو ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي تہ جيئن شهرين کي جديد ماس ٽرانزٽ جون سهولتون مهيا ڪري سگھجن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٽرانسپورٽ کاتي جون ڪوششون عوام کي به جلد نظر اچڻ شروع ٿي وينديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو