81

عمران خان خلاف سخت ايڪشن وٺي رهيا آهيون، منهنجي راءِ آهي ته ڪي پي ڪي مان گرفتار ڪرڻ گهرجي: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو و زير راڻا ثناالله چيو آهي ته عمران خان خلاف سخت ايڪشن وٺي رهيا آهيون، منهنجي راءِ آهي ته ڪي پي ڪي مان گرفتار ڪرڻ گهرجي. هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته هو هاڻي ڌمڪي  ۽ بليڪ ميلنگ تي لهي آيو آهي، هاڻي ڪنهن فسادي مارچ جو حصو بڻجندو ته ضرور روڪينداسين،فتي ۽ فسادي مارچ جي تياري ڪرڻ به ڏوهه آهي، جيڪڏهن هن وقت بني گالا ۾ هجي ها ته کيس اتي ئي روڪي ڇڏيون ها، هن چيو ته گذريل لانگ مارچ کي اسان روڪيو، هن مارچ جي تياري کي روڪڻ گهرجي، پنهنجي ڪارڪنن کي هٿياربند ٿي اچڻ لاءِ چيو اٿن،منهجي خيال ۾ هي معاملو لاءِ اينڊ آرڊر کان وڌيڪ آهي، اها وفاق تي چڙهائي ۽ بغاوت آهي، حڪومت اجازت  نه ڏيندي، سب ڪاميٽي ٺاهي آهي، اڄ ان کي بريفنگ ڏينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو