83

مقرري، بدلي ۽ ترقي کان اڳ سرڪاري آفيسرن جي اسڪروٽني جي ذميواري آءِ ايس آءِ حوالي

اسلام آباد (م ڊ) مقرري، بدلي ۽ ترقي کان اڳ سرڪاري آفيسرن جي اسڪروٽني جي ذميواري  آءِ ايس آءِ حوالي ڪئي وئي آهي. ان لاءِ وزير اعظم شهباز شريف آءِ ايس آءِ کي اسپيشل ويٽنگ ايجنسي جو اسٽيٽس ڏئي ڇڏيو آهي، وزير اعظم جي منظوري کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، سرڪاري آفيسرن جي مقرري، بدلي ۽ ترقي ڳجهي ايجنسي جي ڪيل جاچ بعد ٿيندي، اهو عمل آءِ ايس آءِکي اسپيشل ويٽنگ ايجنسي جو اسٽيٽس ڏيڻ کان پوءِ عمل ۾ آيو،آفيسرن  جي اهم ۽ عوام سان لاڳاپيل عهدن تي مقرري کان اڳ اسڪريننگ رپورٽ ڏني ويندي .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو