97

سينيٽ ۾ اپوزيشن پاران مهانگائي خلاف احتجاج، چيئرمين جي ڊائيس جو گهيراءُ،نعريبازي، گوڙ

اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ ۾ اپوزيشن پاران مهانگائي خلاف احتجاج، چيئرمين جي ڊائيس جو گهيراءُ، نعريبازي، گوڙ، رپورٽ موجب سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو،اپوزيشن تيل قيمتن ۾ واڌ خلاف احتجاج ڪيو، اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو۽ نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ شهزاد وسيم  چيو ته 70 رپيا پيٽرول ڪرڻ لاءِ آيل حڪمرانن 210 رپيا ليٽر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اعظم نذير تارڙ ڳالهائيندي چيو ته ايوان کي جيڪڏهن جلسي گاهه بڻائڻو آهي ته زبان اسانجي به هلي ٿي،توهاڻ ٻڌايو ته معيشت ڪيئن هلائڻي آهي، اوهان معيشت جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو، سياسي نعرا هڻڻ بدران حل تي ڳالهايو، اجايون ڳالهيون نه ڪريو، ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير شوڪت ترين ڳالهائيندي چيو ته  معتبر شخصيت ٻڌايو ته تسلسل نه ڏيڻ سان معيشت وکري ويندي،پي ٽي آءِ جي حڪومت ته پهريون ڀيرو آئي هئي، جيڪا معيشت ملي ان سان آءِ ايم ايف وٽ وياسين، هن چيو ته ڌبجلي قيمتون نه وڌنديون نه ئي 700 ارب رپين جا ٽيڪس لاڳو ڪيا ويندا، اسان روس کان معاهدو ڪري سستو تيل وٺون ها، ريفائنري جي ڊيزل جو مارجن 14 رپيا هو، سينيٽ چيئرمين اپوزيشن کي وارننگ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪو سينيٽر پنهنجي بينچ کان ٻي بينچ آڏو ويو ته معطل ڪري ڇڏيندس.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو