92

ملڪ کي بحران مان نڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت لڳندو، وزير اعظم ڪوششون ڪري پيو: مريم نواز

لاهور (م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي نائب ترجمان مريم نواز چيو آهي ته ملڪ کي بحران مان نڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت لڳندو، وزير اعظم ڪوششون ڪري پيو، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي هن چيو ته عوام کي پيش ايندڙ مسئلن جو احساس آهي، انشاالله ايندڙ ڏينهن ۾ بهتري اچي ويندي،عمران خان دور جا ظالماڻا معاهدا قوم کي مهانگي پيٽرول ۽ بجلي جي صورت ۾ ڀوڳڻا پيا، حڪومت ملڪ جا معاشي بنياد مضبوط ڪري پئي، لوڊشيڊنگ پڻ گهٽ ڪري رهيا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو