بونير (م ڊ) اڳوڻي وزير اعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آمريڪا مضبوط پاڪستان ڏسڻ نٿو چاهي، بونير ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته غداري جو ڪيس داخل ڪري مونکي رستي تان هٽايو وڃي، موجوده حڪمران مون تي غداري جو ڪيس داخل ڪندا ۽ مونکي جيل ۾ وجهندا؟،جيل ننڍي شي آهي مان پنهنجي جان ڏيڻ جي لاءِ به تيار آهيان، ڪو ڊپ ناهي، هن چيو ته اسان سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار ڪري رهيا آهيون.
149