اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت حج اڏامن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، پهرين اڏام 6 جون تي اسلام آباد مان رواني ٿيندي،حڪومت چيو آهي ته 106 اڏامن جي مدد سان 32 هزار حج پانڌيئڙن کي سعودي پهچايو ويندو،بائيو ميٽرڪ،ويڪسينز، سڃاڻپ، پاسپورٽ ۽ حج ويزا لاءِ حاجي ڪئمپ سان رابطو ڪيو وڃي،پي سي آر ٽيسٽ نيگيٽو سرٽيفڪيٽ لازمي هوندو، رقم 4 هزار 250 پاڻ ڏيڻا پوندا.
117