94

صدر عارف علوي نيب ۽ اليڪشن ترميمي بل منظور ڪرڻ بدران اعتراض هڻي واپس موڪلي ڇڏيا

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) صدر عارف علوي قومي احتساب بيورو (نيب) ۽ اليڪشن ترميمي بل  منظور ڪرڻ بنا  واپس موڪلي ڇڏيا آهن. اهي ٻئي بل قومي اسيمبليءَ سينيٽ مان منظور ٿيڻ کان پوءِ آخري منظوري لاءِ صدر ڏانهن موڪليا ويا هئا. جنهن تي صدر بلن جي منظوري کان انڪار ڪندي اهي وزيراعظم ڏانهن واپس موڪلي هدايت ڪئي آهي ته وفاقي حڪومت نيب ۽ چونڊ ترميمي بلن تي نظرثاني ڪري. صدر پنهنجي اعتراضن ۾ چيو آهي ته صدر جي حيثيت سان مون کي قانون سازي بابت سُڌ نه ڏني وئي جيڪا آرٽيڪل 46 جي ڀڃڪڙي آهي. نيب قانون ۾ترميمن سان احتساب جو عمل ختم ٿي ويندو، اهي ترميمون اسلامي فقهه جي روح جي خلاف آهن. نيب قانون ۾ڪرپشن بابت ثبوتن جو بار استغاثه تي وجهي ان کي فوجداري قانون جهڙو ئي ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ٻئي قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ صدر جي منظوري ضروري آهي پر صدر جي فيصلي کان پوءِ حڪومت ٻئي بل هاڻ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو