ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نئين آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ اسٽريٽ ڪرائيمز سميت ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏيندي پوليس آفيسرن کي جاچ جي طريقيڪار کي سڌارڻ جي هدايت ڪئي آهي، غلام نبي ميمڻ جي صدارت ھيٺ پھريون اعليٰ سطحي اجلاس ٿي گذريو، جنھن ۾ ھن اجلاس ۾ شريڪ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ڊي آءِ جيز ۽ ضلعي ايس ايس پيز کي پنھنجي پاليسي ۽ اوليتن کان تفصيلي طور آگاھ ڪيو ۽ ضروري ھدايتون جاري ڪيون. ھن ھدايت ڏني ته آپريشنل ۽ انويسٽيگيشن جي معاملن جي گڏيل حڪمت عملي سان بھتر بڻائيندي خاص طور تي جاچ جي شعبي جي ڪارڪردگي کي بھتر ڪيو وڃي ۽ ان حوالي سان پراسيڪيوٽرز سان مضبوط رابطن کي به يقيني بڻايو وڃي. آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته موٽر سائيڪل لفٽنگ جي وارداتن ۽ ٻين نوعيت جي ڏوھن جي طريقيڪار، ڏوھن جي وقت وغيره جي اناليسز کي نظر ۾ رکندي پيٽرولنگ پلان سميت ڏوهن کي روڪڻ واري حڪمت عملي کي وڌيڪ بھتر ۽ مضبوط بڻايو وڃي ۽ اھڙن ڏوھن ۾ ملوث گروپن جي خلاف في الفور ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي. آءِ جي سنڌ پوليس جو چوڻ آهي ته امن امان جي حالتن تي ڪنٽرول ۽ عوام جي جان مال جو تحفظ ئي اسان جو اصل ڪم آهي، ان حوالي سان ڪابه غفلت يا لاپرواھي ھرگز برداشت نه ڪئي ويندي. ھن وڌيڪ چيو ته ڪارين رڍن جي سنڌ پوليس کاتي ۾ ڪابه گنجائش ناھي ۽ اھڙن آفيسرن کي آئينده ڪابه اھم ذميواري نه ڏني ويندي. غلام نبي ميمڻ چيو ته ڏوھارين کي عدالتن مان سزائون ڏيارڻ پوليس جي پهرين ذميواري آهي. ان ڏس ۾ قدمن کي نتيجا ڏيندڙ بڻايو وڃي. ھن چيو ته پوليس جي مختلف ضلعن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ مان پاڻ سڄي صوبي جو دورو ڪندس. ھن جو چوڻ ھو ته عورتن، ٻارڙن ۽ اقليتن خلاف ٿيندڙ ڏوھن کي روڪڻ يقيني بڻايو وڃي ۽ ان جي حوالي سان ڪنھن به اطلاع يا شڪايت تي بروقت پوليس ريسپانس ۽ ڪارروائي کي ھر لحاظ سان يقيني بڻائي. آءِ جي سنڌ هدايت ڪئي ته گٽڪي ماوي، منشيات جھڙي ڪاروبار ۾ ملوث عناصر جون فهرستون جوڙي انھن خلاف ڪريڪ ڊائون کي ضلعي سطح تي گڏيل رابطن ۽ گڏيل قدمن سان اثرائتو بڻايو وڃي.
108