92

ڇنڇر موڪل بحال، سرڪاري تيل ۾ 40 سيڪڙو ڪٽوتي، سرڪاري خرچ تي پرڏيهه علاج تي پابندي، مارڪيٽن جي جلد بندش تي ڪاميٽي قائم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڇنڇر موڪل بحال، سرڪاري تيل ۾ 40 سيڪڙو ڪٽوتي، سرڪاري خرچ تي پرڏيهه علاج تي پابندي، مارڪيٽن جي جلد بندش تي ڪاميٽي قائم، جمعي ڏهاڙي سرڪاري ملازمن جي گهر ۾ ڪم ڪرڻ جي تجويز تي غور، واپاري ۽ ڪاروباري برادري کي مارڪيٽون جلد بند ڪرائڻ تي اعتماد ۾ ورتو ويندو، رپورٽ موجب وزير اعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو،وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ٿيل فيصلن جي حوالي سان اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب  ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ بجلي  جي بدترين لوڊشيڊنگ ۽ ان تي ڪنٽرول لاءِ مختلف طريقن تي غور ويچار ڪيو ويو،وفاقي ڪابينا ڇنڇر جي موڪل بحال ڪرڻ جي منطوري ڏني، توانائي بحران تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مارڪيٽون شام 7 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي، ان لاءِ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، وزيرن ۽ سرڪاري ملازمن جي پيٽرول ۾ 40 سيڪڙو ڪٽوتي جي منظوري ڏني وئي آهي، ڪابينا ميمبرن ۽ سرڪاري ملازمن  جي پرڏيهه ۾سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، توانائي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو،وزير اعظم رضاڪاراڻي طور تي پنهنجي ۽ وفاقي وزيرن کي فراهم ڪيل سيڪيورٽي گاڏين  ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي، سمورن قسمن جي گاڏين جي خريداري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي،ايمبولينس، اسڪول بس ۽ گند ڪچرو کڻندڙن گاڏيون پابندي کان آجيون هونديون، ترقياتي منصوبن کانسواءِ سمورين نئين ڀرتين ۽ سرڪاري آفيسن لاءِ فرنيچر جي خريداري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، مريم اورنگزيب وڌيڪ تفصيل ٻڌائيندي چيو ته سرڪاري آفيسن لاءِ مشينون، ايئرڪنڊيشنز، مائيڪروويو، فرج، فوٽو ڪاپي مشين ۽ ٻين شين جي خريداري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، سرڪاري آفيسر غير ضروري پرڏيهي دورو نه ڪري سگهندا، پرڏيهي ملڪ مان آيل وفد کانسوا سمورين سرڪاري دعوتن تي پابندي هوندي، سرڪاري آفيسن جي لاءِ اخبارن، ميگزين ۽ رسالن جي خريداري تي پابندي هوندي، بجلي، گيس ۽ پاڻي جي خرچن ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي، سفري خرچ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اجلاس آن لائين گهريا ويندا، خالي ۽ غير ضروري پوسٽون ختم ڪيون وينديون، هن چيو ته ملڪ ۾ بجلي جي طلب 28 هزار 400 ميگاواٽ آهي، جنهن مان 27 سئو ميگاواٽ نقصان ۾ هلندڙ فيڊرن ۾ هلي وڃي ٿي، ان کي ڪڍي بجلي جي مجموعي طلب 25 هزار 600 ميگاواٽ آهي، سپلاءِ 21 هزار ميگاواٽ آهي، ائين طلب ۽ رسد ۾ 4 هزار 600 ميگاواٽ جو فرق آهي، هن چيو ته ڪابينا 6 کان 15 جون تائين ساڍا 3 ڪلاڪ جي منظوري ڏني آ هي، 16 جون کان ساهيوال  جي ڪوئلي تي هلندڙ پلانٽ مان 600 ميگاواٽ وڌيڪ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي ويندي، جنهن کانپوءِ لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽ ٿي ويندو، 16 کان 24 جون تائين 3 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو