92

پاڪستان ۽ جرمني پاران ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق، ڀارت گستاخي بيان تي معافي وٺي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ جرمني گڏيل ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ پرڏيهي آفيس ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران ڪيو ويو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ جرمني جي پرڏيهي وزير انالينا بيئربوڪ ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ ٻطرفي گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جرمن پرڏيهي وزير کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چوندي چيو ته پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا قائم آهن، اسان يورپي يونين ۾ به پارٽنر آهيون، ٻئي ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ انساني بحران کي روڪڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. هن چيو ته جرمن پرڏيهي وزير سان ٻطرفن لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري کانسواءِ دفاعي تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. افغانستان جي صورتحال پڻ ڳالهه ٻولهه ۾ غور هيٺ آئي. هن والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان پڻ جرمن پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان پرامن ۽ خوشحال افغانستان چاهيون ٿا. جرمني جي پرڏيهي وزير ان موقعي تي چيو ته افغانستان جي صورتحال جا اثر ان جي سرحدن جي ٻاهر به پوندا. هن پاڪستان ۾ پرجوش استقبال تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان وڏي انگ ۾ افغانستان جي پناهگيرن کي ڊگهي عرصي کان پناهه ڏني آهي ۽ هن جرمني سميت مختلف ملڪن جي شهرين جي افغانستان مان تازي انخلا ۾ مدد ڪئي آهي. انالينا چيو ته موسمياتي بحران هن وقت هڪ وڏو خطرو آهي، يوڪرين جي جنگ جي نتيجي ۾ شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. جرمني جي پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان جي معاشي صورتحال خراب آهي ۽ اسان موجوده صورتحال ۾ افعانستان جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. والاريل ڪشمير ۾ ڀارت پاران ڪيل ظلمن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گڏيل قومن ڪشمير ۾ انساني حقن جي پاسداري جي ضمانت ڏني آهي. هن ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اعتمادسازي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته گذريل سال لائين آف ڪنٽرول تي ٻنهي ملڪن پاران جنگبندي هڪ مثبت قدم آهي. ان کان اڳ پاڪستان ۽ جرمني جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جرمني جي پرڏيهي وزير انالينا بيئربوڪ جو پاڪستان جو هي پهريون دورو آهي، جرمن پرڏيهي وزير پنهنجي پاڪستاني هم منصب بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي اسلام آباد جو 2 ڏينهن جو دورو ڪري رهي  آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو