ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسٽريٽ ڪرائم جي واقعن جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پوليس ۽ نئين ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي هدايت ڪئي آهي ته هو ڪرائيم تي ضابطو آڻڻ لاءِ اڳ ۾ ئي جوڙيل حڪمت عملي تي سختي سان عمل ڪن. سنڌ جي وڏي وزير سمورن ايس ايڇ اوز کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجن علائقن ۾ گشت کي وڌائين. سنڌ جي وڏي وزير اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث ڏوهارين خلاف آپريشن کي تيز ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته مون کي ٻن ڏينهن اندر اسٽريٽ ڪرائم خلاف آپريشن جا تفصيل ڏنا وڃن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسٽريٽ ڪرائم خلاف روزاني جي بنياد تي هلندڙ آپريشن بابت ميڊيا کي پڻ آگاهه رکيو وڃي.
