101

پاڪستان کي 41 ارب ڊالر جي ضرورت پوندي، حڪومت ڏکيا فيصلا ڪيا آهن، اڳتي به ڪندي: ناڻي وزير

اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان کي 41 ارب ڊالر جي ضرورت پوندي، حڪومت ڏکيا فيصلا ڪيا آهن، اڳتي به ڪندي، بزنس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪنهن به وزير اعظم لاءِ ڏکيو فيصلو هو ته ٻه ڀيرا 30 رپيا پيٽرول جي قيمت وڌائي اسان لاءِ اهو فيصلو سولو نه هيو، هن چيو ته اڳوڻي حڪومت جي معاهدي هلون ها ته پيٽرول جي قيمت اڄ 300 رپيا هجي ها، ملڪي معيشت هن وقت ڏکي گهڙي ۾ آهي،ٻين وسيلن سان گڏوگڏو مهانگائي تي به ڪنٽرول ڪنداسين، عمران خان پنهنجي دور۾ 20 هزار ارب قرض ورتو، وڏي تباهي ڪئي هئي، ايندڙ 12 مهينن دوران 41 ارب ڊالر جي ضرورت پوندي، اميد آهي ته حۡڪومت ان ۾ ڪامياب ٿي ويندي، هن چيو ته جيڪڏهن تيل جون قيمتون برقرار رکون ها ته هر مهيني 120 ارب ڊالر جو نقصان ٿي ها، تي قيمتن ۾ واڌ نه پيا ڪيون، افواهه تي ڏيان  ن ه ڏنو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو