95

 ايڊورٽائزمنٽ پاليسي سرڪاري گزيٽ ۾ شامل، سوشل ۽ ڊجيٽل ميڊيا تي اشتهار جاري ٿي سگهندا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊورٽائزمنٽ پاليسي 2022 سرڪاري گزيٽ ۾ شامل ٿي وئي، هاڻي سوشل ۽ ڊجيٽل ميڊيا تي اشتهار جاري ٿي سگهندا. سنڌ جي اطلاعات کاتي پاران تيار ڪيل ايڊورٽائيزمنٽ پاليسي 2022 سرڪاري گزيٽ ۾ شامل ڪئي وئي آهي. جنهن کانپوءِ اها فوري طور تي لاڳو ٿيندي، پاليسي جي خاص ڳالھ اها آهي ته ان ۾ سوشل ۽ ڊجيٽل ميڊيا تي اشتهار جاري ڪرڻ جي لاءِ طريقيڪار کي به شامل ڪيو ويو آهي. هي پاليسي 2015 جي موجوده پاليسي جي جاءِ وٺندي، ٻئي پاسي سنڌ جي اطلاعات واري کاتي پاران سنڌ پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ادر ميڊيا پريڪٽيشنرز ايڪٽ 2021 جي رولز جي تياري کان پوءِ انهن کي سرڪاري گزيٽ ۾ شامل ڪيو ويو. انهن رولز جي تياري “۾ سينيئر صحافين جي مشوري کي به شامل ڪيو ويو آهي. انهن رولز کان پوءِ ايڪٽ جي تحت ڪميشن جي قيام ڏانهن اڳڀرائي ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن اطلاعات کاتي واري سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي جو سنڌ انفارميشن ڪميشن جي آفيس جو دور ڪيو، ان موقعي تي عبدالرشيد سولنگي چيو ته ڪميشن جو قيام سنڌ ٽرانسپيرنسي اينڊ رائيٽ ٽو انفارميشن ايڪٽ 2016 جي تحت ڪيو ويو آهي. جنهن جو بنيادي مقصد عوام جي اطلاعات تائين رسائي جي عمل کي آسان ۽ ممڪن بڻائڻ آهي. عبدالرشيد سولنگي چيو ته ڪميشن کي فوري طور تي فعال ڪيو پيو وڃي جنهن سان عوام کي سرڪاري معلومات تائين رسائي ۾ پيش ايندڙ مشڪلين جو خاتمون ممڪن ٿيندو ۽ مختلف سرڪاري ادارن پاران معلومات فراهم نه ڪرڻ جي شڪايتن جو ازالو ٿيندو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر پريس انفارميشن محمد سليم خان به ساڻس گڏ موجود هو. چيف انفارميشن ڪمشنر نصرت حسين، انفارميشن ڪمشنرز محترمه صائمه آغا ۽ شاهد عباس جتوئي سيڪريٽري اطلاعات سنڌ عبدالرشيد سولنگي کي ڀليڪار ڪيو. انفارميشن ڪميشن جي ميمبرن حڪومت پاران پنهنجي مٿان ڪيل اعتماد تي ٿورا مڃيندي چيو ته ڪميشن جي قيام جي مقصد کي پورو ڪرڻ جي لاءِ اڻ ٿڪ محنت ڪندا ڇو ته هي عوامي اهميت جو ادارو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو