94

نيب جي سمورن اڳوڻن، موجوده آفيسرن، ملازمن ۽ گهر ڀاتين جي اثاثن جا تفصيل طلب

 اسلام آباد (م ڊ) نيب جي سمورن اڳوڻن، موجوده آفيسرن، ملازمن ۽ گهر ڀاتين جي اثاثن جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن، رپورٽ موجب پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جو اجلاس نور خان عالم جي سربراهي ۾ ٿيو، نيب آفيسرن جي اثاثن بابت پڇاڻو ڪيو ويو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيٽر سليم مانڊوي چيو ته  نيب جو اڳوڻو چيئرمين چوندو رهيو آهي ته هن وقت تائين 820 ارب رپيا ريڪور ٿي چڪا آهن، ناڻي واري سيڪريٽري قومي خزاني ۾ 15ارب رپيا جمع ڪرائڻ جي تصديق ڪئي آهي، ٻي رقم ڪٿي آهي، ان کان آگاهه ڪيو وڃي، جنهن تي قائم مقام نيب چيئرمين ظاهر شاهه بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزير اعظم سيڪريٽريٽ ۾ اڪائونٽ ۾ ريڪوري جو پئسو هوندو آهي، ڪنهن ڌر جو ڪيس فائنل ٿيڻ تائين پئسا پيل هوندا آهن، هن وقت به بينڪ ۾ ڪجهه ارب رپيا موجود آهن، آڊٽ ڪرائڻ جي لاءِ تيار آهيون، جيڪي پئسا نيب مان آيا ان جي آڊٽ ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته آڊيٽر جنرل ٻڌايو ته قومي خزاني ۾ نيب جي رڪور ڪيل رقم 2 کان 3 سيڪڙو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو