105

پوري ملڪ جون بازارون رات جو ساڍي اٺين وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان مشاورت لاءِ مهلت گهري ورتي

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) بجليءَ جي وڏي پيماني تي کوٽ سبب لوڊ شيڊنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري ملڪ جون بازارون رات جو ساڍي اٺين وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙو فيصلو وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جي اهم اجلاس ۾ ڪيو ويو. ان اجلاس ۾سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جا وڏا وزير ۽ خيبر پختونخوا جو چيف سيڪريٽري پڻ شريڪ ٿيو. اجلاس ۾  بجليءَ جي صورتحال تي غور ڪيو ويو. جنهن ۾ پوري ملڪ جو بازارو ساڍي اٺين وڳي بند ڪرڻ جو فيصلوڪيو ويو.  اهڙي فيصلي تي وفاقي حڪومت سان  چئن ئي صوبن پڻ اتفاق ڪري ورتو . سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان مشاورت لاءِ مهلت گهري ورتي. سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جون حڪومتون ٻن ڏينهن دوران ڪاروباري تنظيمن ۽ لاڳاپيل ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجاڻيون ڪري ساڻن مشاورت ڪنديون.   قومي اقتصادي ڪائونسل جي ان اجلاس کان پوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير چيو ته  پاڻيءَ جي وڏي پيماني جي کوٽ سبب وڏي چئلينج کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ملڪ ۾ بجليءَ جي پيداوار 22 هزار ميگا واٽ ۽ گهرج 26 هزار ميگاواٽ آهي، هن وقت 4 هزار ميگا واٽ جو شارٽ فال آهي، صنعتن کي بنا رڪاوٽ 24 ڪلاڪ ئي بجلي ڏني پئي وڃي. 15 جون کان ڪوئلي جي پيداواري يونٽن مان 600 ميگا واٽ اضافي بجلي پيدا ٿيندي، ان سان اڌڪلاڪ جي لوڊ شيڊنگ گهٽ ٿي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته عمراني عذاب جي ڪري شنگهائي اليڪٽرڪ پروجيڪٽ رولڙي ۾ پئجي ويو هو هاڻي شنگهائي اليڪٽرڪ سان به ڳالهيون هلي رهيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو